اسلام آباد – 25 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري نار تعاون تنظيم (جي سي سي) جي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر نائف فلاح ايم الحجراف سان ڊيووس ۾ عالمي اقتصادي فورم جي سالياني اجلاس جي موقعي تي ملاقات ڪئي. ٻنهي اڳواڻن تنظيم جو پا??ستان سان تعاون جي صورتحال جو جائزو ورتو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب ملاقات ۾ پرڏيهي معاملن وا??ي مملڪتي وزير حنا رباني کر ۽ موسمياتي تبديلي واري وفاقي وزير شيري رحمان به موجود هيون. پرڏيهي وزير ۽ نار تعاون ڪائونسل جي سيڪريٽري جنرل جي سي سي ۽ ان جي ميمبر ملڪن سان پا??ستان جي تعاون جي صورتحال جو جائزو ورتو. بلاول ڀٽو زردا??ي ملاقات دوران پا??ستان ۽ جي سي سي جي وچ ۾ تاريخي رابطن، جاگرافيائي ويجهڙائي ۽ ثقافتي وابستگين جو ذڪر ڪيو ۽ چيو ته پا??ستان نار تعاون ڪائونسل جي ميمبر ملڪن سان ٻطرفي ۽ جي سي سي جي تناظر ۾ پنهنجي ڀائراڻي لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو. پرڏيهي وزير ۽ سيڪريٽري جنرل پا??ستان ۽ جي سي سي جي وچ ۾ ٻطرفي واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپن کي وڌائڻ سان گڏوگڏ اسٽريٽجڪ ڊائيلاگ جي گڏيل ايڪشن پلان موجب اداره جاتي رابطن کي مضبوط بڻائڻ لاءِ وڌيڪ رستا ڳولڻ تي اتفاق ڪيو. ان موقعي تي ڌرين پا??ستان – نار تعاون ڪائونسل فري ??ري?? ايگريمنٽ تي جلد کان جلد ڳالهين کي مڪمل ڪر?? جي عزم جو اظهار ڪيو. اها ڳالهه ذڪر جوڳي آهي ته پا??ستان ۽ نار تعاون ڪائونسل جي وچ ۾ پراڻا ۽ خوشگوار لاڳاپا قائم آهن. نار تعاون ڪائونسل جي ميمبر ملڪن سان پا??ستان جا لاڳاپا گڏيل عقيدي، قدرن ۽ ثقافت جي بنياد تي مضبوطي سان ڳنڍيل آهن.
پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جي نار تعاون تنظيم جي سيڪريٽري جنرل سان ملاقات
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے لائیو نتائج