اسلام آباد – 21 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آه?? ته وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ معاشي ٽيم جي ملڪي معيشت کي پائيدار بڻائڻ لاءِ اڻٿڪ محنت رنگ آڻي رهي آه??، گذريل 3 سالن ۾ جي ڊي پي ۾ 5.37 سيڪڙو واڌ حاصل ڪرڻ ڪامياب حڪمت عملي جو ثبو آه??. پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ معاشي ٽيم جي ملڪي معيشت کي پائيدار بڻائڻ جي لاءِ اڻٿڪ محنت رنگ آڻي رهي آه??، ماضي ۾ حڪومتن جي ڪرپشن، مني لانڊرنگ، جعلي اڪائونٽس سان ملڪ ڊيفالٽ جي چائنٺ تي هو، هن چيو ته جڏهن اسان کي حڪومت ملي ته پرڏيهي ناڻي جا ذخير اڌ هئا، ماضي جي حڪمت واڌ جي شرح کي وڌائڻ لاءِ 7 ارب ڊالرز جا قرض ورتا، مملڪتي وزير چيو ته اسان جي حڪومت مصنوعي طور تي واڌ جي شرح ۾ اضافو ناهي ڪيو، ڪووڊ – 19 جي وبا جهڙي عالمي چئلينج سان ترق?? يافته ملڪن جي معيشت بري طرح متاثر ٿي، گذريل ٽن سالن ۾ جي ڊي پي ۾ 5.37 سيڪڙو واڌ حاصل ڪرڻ ڪامياب حڪمت عملي جو ثبوت آه??، هن چيو ته اسان جي قدمن جي ڪ??ي گردشي قرضن ۾ گهٽتائي آئي آه??، گذريل حڪومت ۾ گردشي قرض 400 ارب کان وڌيڪ هئا، فرخ حبيب چيو ته پي ٽي آءِ حڪومت جي اقتصادي سڌارن جو عالمي ??طح تي اعتراف اسان جي ڪامياب حڪمت عملي تي ٺپو هڻڻ آه??. گذريل سال زراعت 3.48 سيڪڙو، صنعتون 7.79 سيڪڙو ۽ خدمتن جي شعبي 5.70 سيڪڙو جي واڌ ڏيکاري، ري بيسنگ ۽ معيشت ۾ تبديلي جي ڪري جي ڊي پي مارڪيٽ پرائس سال 2021ع ۾ 55.5 ٽريلين روپيا ٿي وئي، هن چيو ته مجموعي قومي آمدني 59.3 ٽريلين روپيا، في ڪس آمدني 1666 ڊالر ٿي وئي، پاڪستان جي معيشت جو ماپو 346.76 ارب ڊالر تائين پهچي ويو، ڪووڊ – 19 جي عالمگير وبا کانپوءِ سال 21-2020ع بحالي جو سال هو.
معاشي ٽيم جي ملڪي معيشت کي پائيدار بڻائڻ لاءِ اڻٿڪ محنت رنگ آڻي رهي آهي: فرخ حبيب
مضمون کا ماخذ : پاکستان کی مشہور لاٹری