اسلام آباد – 03 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ هائوسنگ، ڪنسٽريڪشن اينڊ ڊولپمينٽ بابت ??يش??ل ڪوآرڊي??يش?? ڪميٽي جو هفتيوار اجلاس منعقد ٿيو، اجلاس ۾ اطلاعات ۽ نشريات وارو وزير سينيٽر شبلي فراز، خاص مددگار ملڪ امين اسلم، ليفٽيننٽ جنرل (ر) عا??م سليم باجوه، سيد ذوالفقار عباس بخاري، ڊاڪٽر شهباز گل، نئون پاڪستان هائوسنگ اٿارٽي ??و چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) انور علي حيدر، اسٽيٽ بئنڪ جو گورنر، ايف بي آر چيئرمين، لاڳاپيل کاتن جا سيڪريٽريز ۽ سينئر آفيسر شريڪ هئا جڏهن ته سمورا چيف سيڪريٽري ۽ آباد جي نمائندن وڊيولنڪ ذريعي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. سنڌ صوبي ۾ جاري تعميراتي سرگرمين جي باري ۾ اجلاس کي ٻڌايو ويو ته 19 تعميرا??ي منصوبن جي منظوري ڏني وئي آهي جنهن جي نتيجي ۾ 38 لک چورس فوٽ زمين تي اڏاوت ٿيندي، انهن اڏاوتن جي لاڳت 13.8 ارب روپيا آهي ۽ ان جي نتيجي ۾ 30 ارب روپين جون معاشي سرگرميون پيدا ٿينديون، اجلاس ۾ موجود آباد جي نمائندن عا??ف حبيب، عقيل ڪريم ۽ ٻين مختلف نجي تعميراتي ڪمپنين طرفان تعميرا??ي منصوبن، جن ۾ گهٽ آمدني وارن گهرن جي تعمير به شامل آهي، جي باري ۾ وزيراعظم کي آگاهه ڪيو، نمائندن وزيراعظم جي ذاتي دلچسپي ۽ حڪومتي قدمن کي ساراهيندي چيو ته اعليٰ سطحي ڪميٽي جي قيام ۽ وزيراعظم طرفان هفتيوار اجلاسن ۾ اڳڀرائي جي جائزي جي نتيجي ۾ تعميرا??ي منصوبن سان لاڳاپيل مرحلا نهايت خوش اسلوبي سان طئي ٿي رهيا آهن.
وزيراعظم جي صدارت ۾ هائوسنگ، ڪنسٽريڪشن اينڊ ڊولپمينٽ بابت نيشنل ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جو اجلاس
مضمون کا ماخذ : علاقائی کلیدی الفاظ