اسلام آباد – 04 نومبر (اي پي پي) وز??راعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته گذريل ٽن سالن ۾ پاڪستان جي اقتصادي صورتحال تبديل ٿي وئي آهي ۽ ان کي عالمي سطح تي پڻ ساراهيو پيو وڃي، ناڻي واڌ جي شرح ۾ مسلسل گهٽتائي جو رجحان آهي، پرڏيهي مٽاسٽا جي ناڻي جا ذخ??را 24 ارب ڊالر کان مٿي ٿي چڪا آهن. هن اها ڳالهه چيني سيڙپڪار ڪمپنين جي ڪنسوريشم جي وفد سان وز??راعظم هائوس ۾ ڳالهائيندي چئي. وز??راعظم وفد جو شاندار استقبال ڪندي چيو ته هر گذرندڙ ڏينهن سان مضبوط ٿيندڙ سدابهار دوستي ۽ تعاون تي چين جي قيادت ۽ ڀائر عوام جا ٿورائتا آهيون. هن چيو ته سي پيڪ هڪ گيم چينجر آهي جيڪو خطي جي اربين ماڻهن جي زندگين کي بدلائڻ وڃي رهيو آهي.
مضمون کا ماخذ : رومن دولت