بيروت-25 سيپٽمبر (اي پي پي) اسرائيل پاران لب??ان تي چئني پاسن کان هڪ سلسليوار فضائي حملا ڪيا ويا آهن، جنهن ۾ اسرائيلي فضائيه جي 2500 ويڙهاڪ جهازن ڏکڻ لب??ان ۽ اوڀر وادي بيڪا تي 2000 ننڍا بم ڪرايا. الجزيره مطابق اسرائيلي فوج جي ترجمان ڊينيئل هاگري چيو آهي ??ه اسرائيلي فضائيه گذريل ڏينهن ملڪي تاريخ جي سڀ کان وڏي فضائي آپريشن ۾ 2500 ويڙهاڪ جهازن سان چئني پاسن کان ڏکڻ لب??ان ۽ اوڀر وادي بيڪا تي حزب الله جي ٺڪاڻن تي 2000 هزار بم ڪرايا. اسرائيلي فوج چيو آهي ته حزب الله کي ڪو وقفو نه ملندو ۽ حملا ان وقت تائين ڪيا ويندا جيستائين بي دخل ڪيل اسرائيلين کي واپس آڻڻ جو جنگي هدف حاصل نٿو ٿي. اسرائيل جي لب??ان تي حملن ۾ 50 ٻارن سميت 569 شهري شهيد ٿي چ??ا آهن. الجزيره مطابق ڏکڻ لب??ان جي نباتيه گورنريٽ جي علائقي عين قانا تي اسرائيلي فضائي حملي ۾ 3 لب??اني شهري فوت ۽ 13 زخمي ٿي پيا آهن. لب??ان جي صحت وزارت جو چوڻ آهي ته ڏکڻ لب??ان جي جابلو علائقي چوف ۾ لب??اني ڳوٺ جون تي اسرائيلي حملي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 4 ڄڻا فوت ۽ 7 زخمي ٿي پيا آهن. جڏهن ته ڏکڻ لب??ان ۾ اسرائيلي فضائي حملي ۾ عرب نشرياتي اداري جو ڪئمره مين شهيد ٿي ويو. ميڊيا رپورٽ مطابق المنار ٽي وي جو ڪئمره مين ڪامل قراجي ڏکڻ لب??ان جي علائقي قنطار اپر اسرائيلي فضائي حملي ۾ شهيد ٿي ويو آهي. الجزيره مطابق هڪ ٻيو صحافي هادي السيد، جيڪو لب??اني ٽي وي چينل الميادين لاءِ ڪم ڪندو هو، جڏهن ته سومر ??ينهن ڏکڻ لب??ان ۾ سندس گهر تي اسرائيلي فضائي حملي ۾ شهيد ٿي ويو هو. قراجي 7 آڪٽوبر 2023ع بعد لب??ان ۾ اسرائيلي حملن ۾ مارجي ويل پنجون صحافي آهي. صحافين جي عالمي فيڊريشن رائٽرز جي عصام عبدالله سميت چار وڌيڪ صحافين جي مارجڻ جي مذمت ڪئي آهي، عصام عبدالله المالشعب ۾ صحافين جي هڪ گروپ تي اسرائيلي ٽينڪ جي فائرنگ سبب مارجي ويو هو.
اسرائيل جا لبنان تي چئني پاسن کان فضائي حملا، 2500 ويڙهاڪ جهازن 2000 هزار بم ڪرايا، صحافي سميت ڪيترائي شهري شهيد
مضمون کا ماخذ : پاکستان کی مشہور لاٹری