رياض-28 آگسٽ (اي پي پي ) سعودي عرب جي ول?? عهد شهزاده محمد بن سلمان سان فلسطين جي صدر محمود عباس ملاقات ڪئي. ملاقات دوران غزه ۽ ڀرپاسي وا??ي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون. پرڏيهي خابرو اداري مطابق شهزاده محمد بن سلمان چيو ته سعودي عرب جنگ متاثر فلسطيني علائقن ۾ ڇڪتاڻ روڪڻ لاءِ سمورن عالمي ۽ علائقائي ڌرين سان ڳالهيون جاري رکندو. هن فلسطيني عوام جي باوقار زندگي جي جائز حقن، سندن اميدن ۽ امنگن جي تڪميل، منصفاڻي ۽ جٽادار امن لاءِ سعودي عرب جي مستقل حمايت جو ورجاءُ ڪيو. ان موقعي تي سعودي بچاءَ وا??و وزير شهزاده خا??د بن سلمان، پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان، جنرل انٽيليجنس جو سربراهه خا??د بن علي الحميد ۽ فلسطيني اٿا??ٽي جا اعليٰ عهديدار به موجود هئا.
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے عمومی نمبر