پيرس -08 جولاءِ (اي پي پي) فرانس ۾ تازين چونڊن ۾ حصو وٺندڙ 3 سياسي اتحادن جي ڪارڪنن وچ ۾ ڏڦيڙ پکڙجي ويا. رشيا ٽو ڊي مطابق ڏڦيڙن تي ضابطو آڻڻ لاءِ سڄي ملڪ مان 30 هزار پوليس اهلڪار مقرر ??يا ويا جن مان صرف گادي واري هنڌ پيرس ۾ 5 هزار اهلڪار مقرر ??يا ويا. ٽنهي سياسي اتحادن پاران واضح برتري حاصل نه ڪرڻ سبب فرانس ۾ انهن سياسي اتحادن جي ڪارڪنن وچ ۾ ڇڪتاڻ ۾ اضافو ٿيو. رپورٽ مطابق پيرس، نانتيز، ليون، مارسيلي ۽ رينز شهرن ۾ پرتشدد هنگامن دوران دڪانن مان ڦرلٽ ڪئي وئي، موٽر سائيڪلن کي باهيون ڏنيون ويون ۽ پوليس تي ڌماڪيدار مادو اڇلايو ويو جنهن کان پوءِ پوليس ماڻهن کي ڇڙ وڇڙ ڪرڻ لاءِ ڳوڙها آڻيندڙ گئس جو استعمال ڪيو. فرانس جي صد?? ايمانوئل ميڪرون گذريل مهيني وقت کان اڳ چونڊن جو اعلان ڪيو هو جنهن جي پهرين مرحلي ۾ ساڄي ڌر جي نيشن?? ريلي پارٽي (آ?? اين) 33 سيڪڙو ووٽ حاصل ڪيا پر چونڊن جي ٻئي مرحلي ۾ هو پنهنجي پوزيشن برقرار نه رکي سگهي ۽ 143 سيٽن سان ٽئين نمبر تي اچي وئي. کاٻي ڌر جي نيوپاپولر فرنٽ بلاڪ 182 سيٽن سان پهرين نمبر تي اچي وئي پر قطعي اڪثريت حاصل نه ڪري سگهي. فرانس جي صد?? ايمانوئل ميڪرون جي قيادت ۾ اتحاد 168 سيٽن سان ٻئ?? نمبر تي اچي ويو.
فرانس ۾ وقت کان اڳ چونڊن کان پوءِ ڏڦيڙ پکڙجي ويا، 30 هزار پوليس اهلڪار مقرر
مضمون کا ماخذ : números sorteados lotomania