والاريل بيت المقدس- 19 فيبروري (اي پي پي) فلسطين چيو آهي ته گڏيل قومن ۾ فلسطين جي ??ڪمل رڪنيت لاءِ اسرائيل جي ??زير اعظم بينجمن نيتن ياهو کان ؛لائيسن يا اجازت وٺڻ؛ جي ضرورت ناهي. العربيه اردو مطابق فلسطين جي ??رڏيهي وزارت هڪ بيان ۾ چيو آهي ته آمريڪي انتظاميا سميت سمورا ملڪ فلسطيني رياست کي تسليم ڪري سگهن ٿا. اسان کي فلسطيني رياست کي تسليم ڪرائڻ ۽ گڏيل قومن ۾ ان جي رڪنيت ڏي??رڻ لاءِ اسرائيل جي ??زير اعظم جي ضرورت ناهي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته بينجمن نيتن ياهو نه رڳو فلسطيني رياست قائم ڪرڻ کي رد ڪري چڪو آهي پر والاريل بيت المقدس سميت اولهندي ڪناري ۾ يهودي آبادڪاري کي واڌ ڏئي فلسطيني رياست جي امڪانن کي نقصان ڏئي رهيو آهي ۽ هو فلسطين?? علائقن کي غزه کان مڪمل طور تي ڌار ڪري رهيو آهي. واضح رهي ته فلسطين جي ??رڏيهي وزارت جو اهو بيان اسرائيلي حڪومت طرفان ف??سطيني رياست کي هڪ طرفي طور تسليم نه ڪرڻ جي اعلان بعد سامهون آيو آهي.
گڏيل قومن ۾ فلسطين جي مڪمل رڪنيت لاءِ اسرائيل جي وزير اعظم جي ضرورت ناهي: فلسطين
مضمون کا ماخذ : آن لائن اور ایپلیکیشنز