اسلام آباد – 02 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل (ايس آءِ ايف سي) جي ايپڪس ڪميٽي ملڪ جي بهتر ٿيندڙ ميڪرو اڪنامڪ صورتحال تي اطمينان جو ا??هار ڪندي پائيدار اقتصادي ترقي کي يقيني بڻائڻ ۽ معاشي بهتري جو فائدو عوام تائين پهچائڻ جي حوالي سان گڏيل ڪوششن جي اهميت تي زور ڏنو آهي، ڪميٽي پاڪستان جي صنعتي منظرنامي کي نئين سر بحال ڪرڻ جي لاءِ خصوصي اقتصادي زونز جي سڌارن جي لاءِ ايڪشن پلان جي منظوري ڏني. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل جي ايپڪس ڪميٽي جو 11هون اجلاس وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ ٿيو. اجلاس ۾ ايس آءِ ايف سي تحت کنيل مختلف قدمن جو جائزو ورتو وي??. اجلاس ۾ آرمي چيف، وفاقي ڪابينا، صوبائي وڏن وزيرن، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي وزيراعظم، گلگت بلتستان جي وڏي وزير ۽ اعليٰ سطح جي سرڪاري عملدارن شرڪت ڪئي. ايپڪس ڪميٽي جي سيڪريٽري اجلاس کي قومي اقتصادي پلان جي منصوبي ”اڏار پاڪستان“ (2024 – 2029ع) جي حوالي سان ا??س آءِ ايف سي جي اسٽريٽجڪ فوڪس، قدمن ۽ حصيداري بابت آگاهه ڪيو. ڪميٽي ملڪ جي بهتر ٿيندڙ ميڪرو اڪنامڪ صورتحال تي اطمينان جو ا??هار ڪندي پائيدار اقتصادي ترقي کي يقيني بڻائڻ ۽ معاشي بهتري جو فائدو عوام تائين پهچائڻ جي حوالي سان گڏيل ڪوششن جي اهميت تي زور ڏنو. ڪميٽي پاڪستان جي صنعتي منظرنامي کي نئين سر بحال ڪرڻ جي لاءِ خصوصي اقتصادي زونز جي سڌارن جي لاءِ ايڪشن پلان جي منظوري ڏني. ڪميٽي نيشنل منرلز هارمونائيزيشن فريم ورڪ جيڪو سمورين ڌرين جي مشاورت سان تيار ڪيو وي?? آهي، جي تجويز جو پڻ جائزو ورتو. فورم کي انساني وسيلن جي ترقي جي شعبي ۾ مختلف قدمن بابت ب??يفنگ ڏني وئي جن سان ا??رادي قوت جي مهارتن کي عالمي معيار موجب بڻائي سگهبو. وڏن وزيرن پنهنجي پنهنجي صوبن ۾ جاري قدمن جي حوالي سان بريفنگ ڏني جن سان معاشي ترقي کي هٿي ملندي. چيف آف آرمي اسٽاف جنرل سيد عاصم منير معاشي استحڪام جي لاءِ حڪومت جي قدمن جن سان ا??ن ا??ان ۽ سيڪيورٽي بهتر بڻائڻ ۾ مدد ملندي، جي لاءِ پاڪ فوج جي حمايت جي پختي عزم جو يقين ڏياريو. آخر ۾ وزيراعظم 2025ع دوران مستقبل جي سرگرمين جي لاءِ حڪمت عملي جوڙڻ ۾ ايس آءِ ايف سي، وزارتن، ادارن ۽ لاڳاپيل ڌرين جي ڪردار کي ساراهيو. هن ملڪ جي وسيع تر مفاد ۾ سمورين سطحن تي گڏيل ڪوششن جي اهميت تي پڻ زور ڏنو.
وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل جي ايپڪس ڪميٽي جو اجلاس
مضمون کا ماخذ : پشاور لاٹری