اسلام آ??اد – 19 ڊسمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق جي صدارت هيٺ 18 هين اسپيڪرز ڪانفرنس من??قد ٿي جنهن ۾ چئني صوبن ۽ آزاد ڄمون ڪشمير ۽ گلگت بلتستان قانون ساز اسيمبلين جي اسپيڪرن ڀرپور انداز ۾ شرڪت ڪئي، 10 سالن کانپوءِ ڪانفرنس من??قد ڪرڻ کي يقيني بڻائڻ تي صوبائي اسيمبلين جي اسپيڪرن، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق کي زبردست خراج پيش ڪيو.
قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ طرفان ٺاهيل دستاويزي فلم مطابق اسپيڪرز ڪانفرنس جي شروعات 1921ع ۾ ٿي جڏهن ننڍي کنڊ پاڪ ۽ هند تي برطانوي راڄ تحت اولهه جي جمهوريت خاص طور تي ويسٽ من??ٽرز جي حڪومتي طرز سان روشناس ڪرايو ويو، ان اهم فورم کي ننڍي کنڊ پاڪ ۽ هند جي پارلياماني تا??يخ ۾ اهميت حاصل آهي. پاڪستان ۾ آئين سازي ۾ دير، ون يونٽ قائم ٿيڻ ۽ جمهوريت ختم ٿيڻ سبب اهم پارلياماني فورم سرد خاني ۾ هليو ويو. 1973ع ۾ متفقه آئين جي من??وري وفاقي پارلياماني جمهوريت جي راهه هموار ڪئي ته اسپيڪرز ڪانفرنس کي نئين سر فعال ڪيو ويو. پاڪستان ۾ پهرين اسپيڪرز ڪانفرنس 1972ع ۾ ڪراچي ۾ من??قد ٿي جنهن جي صدارت ٽئين آئيني اسيمبلي جي اسپيڪر فضل الاهي چوڌري ڪئي، 1973ع، 1975ع، 1976ع ۾ ترتيبوار ڪراچي، ڪوئيٽا ۽ سوات ۾ اسپيڪرز ڪانفرنسز ان وقت جي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر صاحبزاده فاروق علي جي سربراهي ۾ من??قد ٿيون، ستين ۽ اٺين اسپيڪرز ڪانفرنسز 1985ع ۽ 1986ع ۾ اسلام آ??اد ۾ ان وقت جي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سيد فخر امام جي سربراهي ۾ من??قد ٿي، نائين اسپيڪرز ڪانفرنس 1987ع ۾ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر حامد ناصر چٺه جي سربراهي ۾ ڪوئيٽا ۾ من??قد ٿي. قومي اسميبلي جي اسپيڪر ملڪ معراج خالد کي 10 هين ۽ 11 هين ڪانفرنس جيڪا 1989ع ۽ 1990ع ۾ ڪراچي ۽ لاهور ۾ ٿيون، جي سربراهي ڪرڻ جو اعزاز حاصل ٿيو، پوءِ ٽن سالن بعد قومي اسيمبلي جي اسپيڪر گوهر ايوب خان جي سربراهي ۾ 1993ع ۾ 12 هين اسپيڪرز ڪانفرنس پشاور ۾ من??قد ٿي جڏهن ته قومي اسيمبلي جي اسپيڪر الاهي بخش سومرو 1998ع ۾ مظفر آباد ۾ 13 هين اسپيڪرز ڪانفرنس جي سربراهي ڪئي. پنجن سالن جي وقفي کانپوءِ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر چوڌري امير حسين جي سربراهي ۾ 2004ع ۾ 14هين ۽ 2006ع ۾ 15هين اسپيڪرز ڪانفرنس من??قد ٿي ۽ 16 هين اسپيڪرز ڪانفرنس 2010ع ۾ اسپيڪر ڊاڪٽر فهميده مرزا جي سربراهي ۾ لاهور ۾ من??قد ٿي، 17 هين اسپيڪرز ڪانفرنس قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق جي سربراهي ۾ 2014ع ۾ اسلام آ??اد ۾ من??قد ٿي، هاڻي 10 سالن کانپوء?? سندس صدارت هيٺ 18 هين اسپيڪرز ڪانفرنس من??قد ٿي رهي آهي.