راولپنڊي-27 نومبر (اي پي پي) چي?? جي سينٽرل ملٽري ڪميشن (سي ايم سي) جي نائب چيئرمين جنرل زانگ يوشيا اعليٰ سطحي وفد سان گڏ جنرل هيڊڪوارٽرز (جي ايڇ ڪيو) جو دورو ڪيو. معزز مهمان آرمي چي?? جنرل سيد عاصم منير سان نويڪلائي ۾ ملاقات ڪئي، جنهن کانپوءِ وفدن جي سطح تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي.آءِ ايس پي آر موجب انهن ملاقاتن ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن، علائقائي سيڪيورٽي جي صورتحال، خطي ۾ استحڪام جي قدمن ۽ ٻطرفي دفاعي تعاون کي هٿي ڏيڻ تي ڳالهه ٻولهه ٿي. آرمي چي?? جنرل عاصم منير پاڪستان ۽ چي?? جي پائيدار دوستاڻن لاڳاپن کي اجاگر ڪندي چي?? ته اهي لاڳاپا گڏيل اعتماد ۽ تعاون جي بنياد تي قائم آهن. هن ان تاريخي حصيد??ري کي وقت جي هر امتحان ۾ ثابت قدم قرار ڏنو ۽ ان ۾ و??يڪ بهتري جي اميد ظاهر ڪئي. آرمي چي?? چي?? جي قيادت جو ٿورو مڃيو ۽ چي?? ته عالمي ۽ علائقائي حالتن جي تبديلي باوجود پاڪستان سان مضبوطي سان بيٺل آهي. جنرل زانگ يوشيا پاڪستان سان پنهنجي اسٽريٽجڪ حصيد??ري لاءِ پاڪستان جي مستقل وابستگي کي ساراهيو. هن دهشتگردي خلاف پاڪ فوج جي پيشيوراڻي مهارت ۽ عزم جي واکاڻ ڪئي ۽ ان پراڻي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ان کان اڳ جي ايڇ ڪيو پهچڻ تي جنرل زانگ يو شيا شهيدن جي يادگار تي گل رکيا ۽ پاڪستان جي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪيو. ان موقعي تي کيس پاڪستان آرمي جي هڪ چست جٿي طرفان گارڊ آف آنر پڻ پيش ڪيو ويو.
چين جي سينٽرل ملٽري ڪميشن جي نائب چيئرمين جنرل زانگ يوشيا پاران جي ايڇ ڪيو جو دورو، آرمي چيف سان ملاقات
مضمون کا ماخذ : جنگل کے راز