نيويارڪ – 27 – سيپٽمبر (اي پي پي) عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر ڪرسٽالينا جارجيوا چيو آهي ته پاڪستان جي وزيراعظم سان سندس ڪارائتي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي. گڏيل قومن جي ج??رل اسيمبلي جي سالياني اجلاس جي موقعي تي وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب سان ملاقات کانپوءِ پنهنجي هڪ ??وئ??ٽ ۾ هن چ??و ته پاڪستان جي وزيراعظم سان سندس ڳالهه ٻولهه مثبت، فائديمند ۽ تعميري رهي. هن چ??و ته ملاقات ۾ پاڪستان جي معيشت جي بحالي، مهانگائي ۾ گهٽتائي، ٽي??س نظام ۾ شفافيت ۽ روزگار جي نئين موقعن جي فراهمي جي لاءِ آءِ ايم ايف جي تعاون سان سڌارن جي نئين پروگرامن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي. ٻنهي اڳواڻن معاشي استحڪام ۽ ترقي کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ حڪومت ۽ آءِ ايم ايف جي وچ ۾ تعاون کي مضبوط بڻائڻ تي اتفاق ڪيو.
مضمون کا ماخذ : اسٹریٹیجیا لاٹوفاسیل