اسلام آباد – 17 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته حضرت محمد ﷺ رهندي دنيا تائين انسانيت جي لاءِ هدايت جو سرچشمو آهي، سندن سيرت طيبه اسان کي زندگي جي هر شعبي ۾ رهنمائي فراهم ڪري ٿي، موجوده دور ۾ درپيش چئلينجز جو مقابلو ڪر?? جي لاءِ بحيثيت قوم ۽ بحيثيت مسلمان امت اسوه حسنه کي ??نهنجي زندگي جو حصو بڻائڻو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار صدر 12 ربيع الاول 1446هه / 2024ع جي موقعي تي قوم جي نالي پيغام ۾ ڪيو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر پوري قوم کي 12 ربيع الاول جي خوشي جي موقعي تي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ??ه الله تعاليٰ هن مبارڪ مهيني ۾ اسان کي ??نهنجي محبوب خاتم النبيين حضرت محمد ﷺ جي ولادت جي صورت ۾ عظيم نعمت عطا فرمائي. پاڻ ﷺ رهندي دنيا تائين انسانيت جي لاءِ هدايت جو سرچشمو آهن. هي ڏينهن هر مسلمان جي دل ۾ عشق رسول ﷺ جو ڏيئو روشن ڪري ٿو ۽ اسان کي ان پيغام جي ياد ڏياري ٿو جيڪو ظلمت کي ??ٽائي نور جو مينار بڻيو. صدر چيو ??ه الله تعاليٰ رسول الله ﷺ جي زندگي کي اسان جي لاءِ بهترين نمونو قرار ڏنو. پاڻ ﷺ جي سيرت طيبه اسان کي زندگي جي هر شعبي ۾ رهنمائي فراهم ڪري ٿي. پاڻ ﷺ عدل ۽ انصاف تي ٻڌل معاشرو قائم ڪيو جتي هر ماڻهو، ڀلي اهو امير هجي يا غريب، عزت ۽ وقار سان رهي سگهندو هو. صدر چيو ته رسول الله ﷺ ارشاد فرمايو ته بهترين انسان اهو آهي جيڪو ٻين کي ??فعو پهچائي جيتوڻيڪ هن مبارڪ موقعي تي اسان کي ??بي اڪرم ﷺ جي انسانيت سان محبت ۽ همدرديءَ جي پيغام کي عام ڪر?? جي ضرورت آهي. پاڻ ﷺ سدائين ٻين جي مدد ۽ نصرت جو درس ڏنو. يتيمن جو خيال هجي، غريبن جي مدد هجي يا بيمارن جي تيمارداري، پاڻ ﷺجي زندگي هر لمحي ??نسانيت جي خدمت جو عملي نمونو آهي. هن چيو ته نبي ڪريم ﷺ جي پيغام کي ڦهلائڻو آهي جيڪو محبت، رواداري ۽ انساني حقن جو ضامن آهي. هنن هر انسان، ڀلي اهو مسلمان هجي يا غيرمسلم هجي سان احترام ۽ عزت جو سلوڪ ڪيو. اسان کي به انهي جذبي تحت سڄي دنيا ۾ ڀائيچاري، عدل ۽ محبت کي ??روغ ڏيڻو آهي. صدر چيو ??ه اچو هن مبارڪ ڏينهن کي انسانيت جي ڀلائي جي لاءِ وقف ڪريون ۽ نبي اڪرم ﷺجي تعليم کي ??نهنجي عمل جو حصو بڻايون. منهنجي دعا آهي ??ه الله تعاليٰ پاڪستان کي امن، ترقي ۽ خوشحالي جي راهه تي گامزن رکي ۽ اسان کي ??بي ڪريم ﷺ جي سيرت طيبه تي عمل پيرا ٿي?? جي توفيق عطا فرمائي.
حضرت محمد ﷺ رهندي دنيا تائين انسانيت جي لاءِ هدايت جو سرچشمو آهي: صدر آصف علي زرداري
مضمون کا ماخذ : خون چوسنے والے II