منسڪ-21 آگسٽ (اي پي پي) پاڪست??ن ۽ بيلاروس ٻطرفي لاڳاپن کي مستحڪم بڻائڻ ۽ پارلياماني رابطن کي هٿي ڏيڻ تي اتفاق ڪيو آهي، جڏهن ته قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو آهي ته پارلياماني سفارتڪاري ٻنهي ??لڪن ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ??ي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق بيلاروس جي هم منصب ايگور سر گينڪو سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ ٻطرفن لاڳاپن سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ٻنهي اسپيڪرن گڏيل طور تي پارليامينٽ ۾ رابطن کي هٿي ڏيڻ تي اتفاق ڪيو. سردار اياز صادق ان موقعي تي ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان بيلاروس سان لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ لاءِ پرعزم آهي ۽ دوستاڻي لاڳاپن کي وڏي اهميت ڏي ٿو، پاڪست??ن ۽ بيلاروس وچ ۾ لاڳاپا گڏيل اعتماد ۽ احترام جي مضبوط بنيادن تي هموار آهن. هن چيو ته پارلياماني سفارتڪاري ٻنهي ??لڪن ۾ وڌيڪ لاڳاپن کي مستحڪم بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ??ي. اسپيڪر پاڪستان جي پارلياماني وفد جي والهاڻي استقبال ۽ مهمانوازي تي بيلاروس جي حڪومت ۽ عوام جو ٿورو مڃيو. بيلاروس جي اسپيڪر، سردار اياز صادق ۽ ساڻس گڏ آيل پارلياماني وفد جو بيلاروس جو د??رو ڪرڻ تي آجيان ڪئي ۽ چيو ته پاڪستان جي پارلياماني وفد جو تازو د??رو ٻنهي ??لڪن ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ ۾ اهم سنگ ميل ثابت ??يندو. هن چيو ته بيلاروس پاڪستان سان پنهنجي ويجهي دوستاڻي لاڳاپن کي قدر ??ي نگاهه سان ڏسي ٿو. ان موقعي تي ٻنهي اسپيڪرن ويجهي تعاون ۽ گڏيل افهام و تفهيم کي هٿي ڏيڻ لاءِ ڪوششون جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو. بيلاروس جي اسپيڪر عالمي فورمن تي پاڪستان طرفان بيلاروس جي حمايت تي شڪريو به ادا ڪيو.
قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق سان بيلاروس جي هم منصب ايگور سر گينڪو جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ کے فوائد