اسلام آباد -05 آگسٽ (اي پي پي)صنعتن، پيداوار ۽ نيشنل فوڊ سيڪيورٽي بابت وفاقي وزير راڻا تنوير حسين ڪشميرين سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته 5 آگسٽ 2019ع تي ڀارت جي غيرقانوني ۽ هڪ طرفن قد??ن جا 5 سال مڪمل ٿيڻ جي موقعي تي اسان ڪشميرين جي خود اراديت واري حق جي منصفاڻي جدوجهد ?? انهن جي قربانين کي خراج تحسين پيش ڪيون ٿا. سومر ڏينهن وزارت طرفان جاري بيان ۾ هن چيو ته ڀارت جا 5 آگسٽ جا قدم گڏيل قو??ن جي سلامتي ڪائونسل جي ڪيترن ئي ٺهرائن جي ڀڇڪڙي آهن، جن ۾ چيو ويو هو ته رياست ڄمون ڪشمير ج?? مستقبل جو حتمي فيصلو ڪشميري عوام جي مرضي مطابق آزاد، اڻ ڌري ۽ گڏيل قو??ن جي نگراني هيٺ راءِ شماري ذريعي ڪيو ويندو. هن چيو ته ڪشميري ڀارت جي غيرقانوني ۽ ظالماڻي قبضي خلاف لازوال قربانيون ڏئي رهيا آهن. ڀارت غيرقانوني طور قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير ۾ سنگين ڪارروائين سان گڏيل قو??ن جي ٺهرائن ۽ عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي ڪري رهيو آهي. جنهن سان ڏکڻ ايشيا ۽ خطي لاءِ سنگين نتيجا نڪرندا. هن چيو ته گڏيل قو??ن جي سلامتي ڪائونسل جي ٺهرائن ۽ ڪشميري عوام جي خواهشن مطابق ڄمون ڪشمير ج?? تڪرار ج?? حل خطي ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام کي يقيني بڻائڻ جو واحد رستو آه??. و??اقي وزير چيو ته اسان والاريل ڪشمير ج?? سم??رن شهيدن کي سندن لازوال قربانين ۽ سندن ڪٽنب جي ڀاتين کي انهن جي عزم ۽ حوصلي لاءِ ڀرپور خراج عقيدت پيش ڪيون ٿا. پاڪستان پنهنجي ڀينرن ۽ ڀائرن جو آواز بڻجندو رهندو ۽ سندن جائز حقن جي حاصلات لاءِ هر ممڪن سهڪار فراهم ڪندو.
ڪشميرين جي خودمختياري واري حق جي منصفاڻي جدوجهد ۾ سندن قربانين کي خراج تحسين پيش ڪيون ٿا: وفاقي وزير راڻا تنوير حسين
مضمون کا ماخذ : کنگ میکر