اسلام آباد – 22 – اپريل (اي پي پي) پاڪستان ۽ ايران ٻطرفن لاڳاپن خاص طور تي واپار، توانائي، رابطن، ثقافت ۽ عوامي سطح تي رابطن ۾ تعاون کي سگهه ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ۽ ايندڙ 5 سالن ۾ واپاري ڪاٿو 10 ارب ڊالر تائين وڌائڻ تي اتفاق ڪي?? آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ اسلامي جمهوريه ايران جي صدر ڊاڪٽر سيد ابراهيم رئيسي جي وچ ۾ وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات ٿي. ملاقات ۾ ٻنهي طرفن جا وزير ۽ اعليٰ عملدار موجود هئا. ٻنهي اڳواڻن ٻطرفن لاڳاپن جي دائري ت?? خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ اهم علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي ت?? ڳالهه ٻولهه ڪئي. پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ لاڳاپن جي تاريخ تي روشني وجهندي ٻنهي اڳواڻن ٻطرفن لاڳاپن، خاص طور تي واپار، توانائي، رابطن، ثقافت ۽ عوام سان عوام جي رابطن جي شعبن ۾ تعاون کي وسيع پئماني ت?? وڌائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪي??. ٻنهي ڌرين ايندڙ 5 سالن ۾ بطرفي واپار جو ڪاٿو 10 ارب آمريڪي ڊالر تائين وڌائڻ تي اتفاق ڪي??. ٻنهي اڳواڻن دهشتگردي جي ??طر?? سميت گڏي?? چئلينجن جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ گڏيل حڪمت عملي ت??ار ڪرڻ تي پڻ اتفاق ڪي??. صدر ابراهيم رئيسي ۽ وزيراعظم شهباز شريف غزه ۾ اسرائيلي قابض فوج پاران 7 مهينن کان وڌيڪ عرصي کان طاقت جي انڌاڌنڌ استعمال جي شديد مذمت ڪندي فوري ۽ غيرمشروط جنگبندي جي لاءِ عالمي ڪوششن ۽ گهيراءُ ختم ڪرڻ تي زور ڏنو ۽ غزه جي گهيريل عوام جي لاءِ انساني بنيادن تي امداد جي اپيل جو ورجاءُ ڪي??. وزيراعظم ڪشميري عوام ۽ ان جي جائز حقن جي لاءِ ايران جي واضح ۽ اصولي حمايت تي ايراني قيادت خاص طور تي سپريم ليڊر آيت علي خامنه اي جي موقف کي ساراهيو.
پاڪستان ۽ ايران پاران ٻطرفن لاڳاپن خاص طور تي واپار، توانائي، رابطن، ثقافت ۽ عوامي سطح تي رابطن ۾ تعاون کي سگهه ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ، ايندڙ 5 سالن ۾ واپاري ڪاٿو 10 ارب ڊالر تائين وڌائڻ تي اتفاق
مضمون کا ماخذ : مڈاس گولڈ