اسلام آباد – 22 – اپريل (??ي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان اسلامي جمهوريه ايران جو ص??ر ڊاڪٽر سيد ابراهيم رئيسي سومر ڏينهن وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات ڪندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ايران ۽ پاڪستان جي وچ ۾ وفدن ??ي سطح تي ڳالهه ٻولهه جو دور پڻ ٿيندو. وزيراعظم هائوس پهچڻ تي ايرا??ي صدر جي اعزاز ۾ گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويندو، ايرا??ي صدر ۽ وزيراعظم شهباز شريف وزيراعظم هائوس ??ي سبزه زار ۾ ڌرتيءَ جي ڏينهن جي مناسبت سان ٻوٽو لڳائيندا. ٻئي اڳواڻ ايران ۽ پاڪستان جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ تعاون جي مفاهمتي يادداشتن تي صحيحن واري تقريب ۾ شريڪ ٿيندا. ٻئي اسلام اسلام آباد جي هڪ شاهراهه کي ايران اوينيو جو نالو ڏيڻ جي تقريب ۾ پڻ شريڪ ٿيندا. ٻئي اڳواڻ هڪ گڏيل پريس ٽاڪ پڻ ڪندا. وزيراعظم ايرا??ي صدر ۽ سندس وفد جي اعزاز ۾ مانجهاندو پڻ ڏيندو.
ايران جو صدر ۽ وزيراعظم محمد شهباز شريف اسلام آباد جي هڪ شاهراهه کي ايران اوينيو جو نالو ڏيڻ جي تقريب ۾ پڻ شريڪ ٿيندا
مضمون کا ماخذ : کینڈی کیش