اسلام آباد – 18 – اپريل (اي پي پي) صدر آصف عل?? زرداري چيو آهي ته خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ تائين پاڪستان والاريل ڪشمير جي عوام جي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رکندو. سورهين قومي اسيمبلي جي پهرين پارلياماني سال جي شروعات تي پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي پنهنجي خطاب ۾ صدر والاريل ڪشمير ۽ فلسطين جي صورتحال جو خصوصي طور تي ذڪر ڪيو. صدر پ??هنجي خطاب ۾ چيو ته آرٽيڪل 370 ۽ 35 اي کي ختم ڪرڻ ڪشميري مسلمانن کي پنهنجي ئي وطن ۾ اقليت ۾ بدلائڻ جي ??ار??ي حڪمت عملي جو حصو آهي، پاڪستان ??ار?? جي هڪطرفي قدمن کي رد ڪري ٿو، ??ار?? 5 آگسٽ 2019ع ۽ ان کانپوءِ کنيل سمورا غيرقانوني قدم واپس وٺي. صدر چيو ته خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ تائين پاڪستان والاريل ڪشمير جي عوام جي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رکندو. هن چيو ته گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب تڪرار جو حل ئي ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن جو ضامن آهي. صدر پ??هنجي خطاب ۾ فلسطين جو پڻ ذڪر ڪيو. هن چيو ته پاڪستان کي بيگنا??ه فلسطينين جي قتل، اسرائيلي فوج پاران وڏي پئماني تي نسل ڪشيءَ تي گهري ڳڻتي آهي، پاڪستان قابض اسرائيلي فوج جي کلي عام ڏاڍ جي شديد مذمت ڪري ٿو.
خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ تائين پاڪستان والاريل ڪشمير جي عوام جي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رکندو: صدر آصف علي زرداري
مضمون کا ماخذ : گولڈ رش