اسلام آباد – 21 – مارچ (اي پي پي) وز??راعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل جي خصوصي ايپڪس ڪميٽي جو اجلاس ٿيو. وز??راعظم آفيس ??ي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب اجلاس ۾ اڳوڻي نگران وز??راعظم انوارالحق ڪاڪڙ، چيف آف آرمي اسٽاف، موجوده ۽ اڳوڻن نگران وزيرن، وڏن وزيرن ۽ اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ اڳوڻي نگران ڪابينا جي ميمبرن جي موجودگي ۾ نئين وفاقي ڪابينا کي بريفنگ ڏني وئي. ڪميٽي کي خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل جي سيڙپڪاري، نجڪاري ۽ ملڪ جي مجموعي مائيڪرو اڪنامڪ استحڪام جي حوالي سان قدمن ۽ نمايان ڪردار جي حوالي سان آگاهه ڪيو ويو. ڪميٽي وز??راعظم محمد شهباز شريف جي قيادت ۾ جون 2023ع جي خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل قائم ڪرڻ جي قدم کي ساراهيو جيڪا هاڻي پاليسي سازي جي جوڙجڪ جي مرحلي ۾ داخل ٿي چڪي آهي. اڳوڻي نگران وز??راعظم انوارالحق ڪاڪڙ وز??راعظم محمد شهباز شريف، ڪابينا ۽ وڏن وزيرن کي نيون ذميواريون سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏيندي پاڪستان کي درپيش اقتصادي چئلينجز کي منهن ڏيڻ ۽ پاڪستان کي دنيا جي بهترين معيشتن ۾ تبديل ڪرڻ ۾ انهن جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. چيف آف آرمي اسٽاف حڪومت جي اقتصادي قدمن ۾ هٿياربند فوج پاران مڪمل تعاون جي خاطري ڪرائي. هن ملڪ کي ان جي حقيقي پوٽينشنل موجب آڻڻ جي لاءِ محفوظ ۽ سازگار ماحول جي فراهمي جي خاطري پڻ ڪرائي. وز??راعظم محمد شهباز شريف چيو ته خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل مشڪل وقت ۾ اڳتي وڌڻ جو هڪ رستو آهي ۽ ملڪ جي خدمت جي لاءِ ماضي جي ??يٽ ۾ هڪ پختي عزم جي ضرورت آهي. هن وفاقي ڪابينا تي زور ڏنو ته اها گڏجي سياسي اختلافن کي مٿانهون رکي اقتصادي استحڪام جي لاءِ هڪ ٽيم بڻجي ڪم ڪن. هن وسيع تر قومي اقتصادي ايجنڊا جي تسلسل تي نگران حڪومت جا پڻ ٿور?? مڃيا.
وزيراعظم جي صدارت ۾ خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل جي خصوصي ايپڪس ڪميٽي جو اجلاس
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری انعامات