اسلام آباد – 19 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز ش??يف جيولن ٿرو ايٿليٽ ارشد نديم جي لاءِ 25 لک رپين جي انعام جو اعلان ڪندي عالمي سطح تي سندس بهترين ڪارڪردگي کي ساراهيو آهي. وزيراعظم محمد شهباز ش??يف سان جيولن ٿرو ايٿليٽ ارشد نديم ملاقات ڪئي. وزيراعظم ورلڊ ايٿليٽڪس چيمپئن شپ 2023ع ۾ چاندي جو تمغو کٽڻ ۽ ملڪ جو نالو روشن ڪرڻ تي ارشد نديم کي مبارڪباد ڏيندي ان جي مستقبل ۾ ڪاميابين جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ۽ ا??فارميشن ٽيڪنالاجي واري مملڪتي وزير شزه فاطمه خواجه پڻ موجود هئي. جيولن ٿرو ايٿليٽ ارشد نديم کي خصوصي طور تي وزيراعظم هائوس ۾ گهرايو ويو. وزيراعظم شهباز ش??يف ارشد نديم جي خيريت معلوم ڪئي ۽ ارشد نديم کي پاڪستان جو نالو روشن ڪرڻ تي مبارڪباد ڏني. وزيراعظم چيو ته ??وهان جي ڪاميابي جي لاءِ پوري قوم جون دعائون توهان سان گڏ آهن، اسان کي توهان تي فخر آهي، توهان کي وڌيڪ اڳتي وڌڻو آهي، توهان جي ڪاميابين ۾ توهان جي ذاتي محنت، والدين جون دعائون ۽ ٽرينرز جو پڻ ڪردار آهي. ارشد نديم وزيراعظم جو عهدو سنڀالڻ تي وزيراعظم محمد شهباز ش??يف کي مبارڪباد ڏني. ارشد نديم وزيراعظم کي پنهنجي اسپورٽس ڪيريئر جي حوالي کان آگاهه ڪيو. ارشد نديم وزيراعظم کي ٻڌايو ته هن راندين جي شروعات 2012ع کان ڪئي ۽ يوٿ فيسٽيول ۾ پهريون ڀيرو مختلف ايونٽس ۾ حصو ورتو، ٻئي يوٿ فيسٽيول ۾ ڪارڪردگي ۾ وڌيڪ بهتري آئي، 2015ع ۾ واپڊا جي ٽيم ۾ شامل ٿيس جنهن کانپوءِ قومي سطح تي کيڏڻ جو موقعو مليو، اهڙي طرح يوٿ فيسٽولز منعقد ٿيڻ گهرجن ته ??يئنر اندين کي فروغ ملي. ارشد نديم چيو ته ??سڪول جي سطح تي هن راندين ۾ حصو وٺڻ شروع ڪيو پر هاڻي ته ??سڪولز ۾ راندين جو سلسلو نه ٿي رهيو آهي، اهو سلسلو هاڻي بحال ٿيڻ گهرجي، ڏکڻ آفريقا تربيت جي لاءِ سڃاتو وڃي ٿو، جيڪڏهن ان جي ويزا جلد ملي وڃي ته ??ن جي لاءِ آساني ٿي ويندي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته ??رشد نديم جي ويزا جلد جاري ڪرڻ کي يقيني بڻايو وڃي. ارشد نديم وزيراعظم کي ٻڌايو ته ??ولمپڪس کان اڳ هڪ ٻن ايونٽس ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪندس، ايٿليٽڪس چيمپئن شپ دوران شاندار ٿرو سان پيرس اولمپڪس جي لاءِ ڪواليفائي ڪيو، پنهنجي ملڪ جي لاءِ هر ايونٽ ۾ وڃڻ جي لاءِ تيار آهيان. ان موقعي تي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ وزيراعظم کي ٻڌايو ته ??ولمپڪس ۾ ارشد نديم جو ايونٽ رات جي وقت هو ۽ پ??ري قوم سندس ايونٽ ڏٺو ۽ پ??ري قوم ان جي لاءِ دعا ڪري رهي هئي. وزيراعظم سان ملاقات کانپوءِ خصوصي ڳالهه ٻولهه ڪندي جيولن ٿرو ايٿليٽ ارشد نديم وزيراعظم هائوس گهرائڻ تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا ۽ چيو ته وزيراعظم سان تمام سٺي ملاقات ڪئي. وزيراعظم کي راندين جي فروغ جي لاءِ مختلف تجويزون ڏنيون، اميد آهي ته ??نهن تي عملدرآمد ڪيو ويندو، رانديگرن جي لاءِ ڪئمپس منعقد ٿيڻ گهرجن، راندين جي لاءِ ميدان به ضروري آهن، پاڪستان ۾ تمام گهڻو ٽيلنٽ آهي، وزيراعظم راندين جي فروغ ۾ تمام گهڻي دلچسپي وٺي رهيو آهي، ان سان پاڪستان ۾ راندين کي فروغ ملندو. هن چيو ته وزيراعظم منهنجي ڳوٺ ۾ گرائونڊ جي تعمير جي پڻ خاطري ڪرائي آهي، راندين جي فروغ سان پوري دنيا ۾ پاڪستان جو نالو روشن ٿيندو.
وزيراعظم پاران جيولن ٿرو ايٿليٽ ارشد نديم جي لاءِ 25 لک رپين جي انعام جو اعلان
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی موبائل ایپ