لاهور – 24 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي ??يل??يميا جي مرض جي روڪٿام جي لاءِ شاندار خدمتن تي منو ڀائي (مرحوم) کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته منو ڀائي پنهنجي پوري زندگي ??يل??يما جي مريضن جي لاءِ وقف ڪري ڇڏي هئي، ??ُندس فائونديشن جو بنياد رکي منو ڀائي هڪ مثال قائم ڪيو، ??يل??يميا جي روڪٿام جي لاءِ قانونن کي بهتر بڻائڻو پوندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن سُندس فائونڊيشن جي اهتمام هيٺ منو ڀائي جي ڇهين ورسيءَ جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي ڊائريڪٽر سُندس فائونڊيشن خالد عباس ڊار، صدر ياسين خان، سهيل وڙائچ، حفيظ الله خان نيازي، مجيب الرحمان شامي، ??غريٰ صدف ۽ ٻيا پڻ موجود هئا. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته منو ڀائي جو پي ٽي وي تي هلندڙ حالات حاضره جو پروگرام عوام ۾ انتهائي مقبول ٿيو، ان پروگرام ۾ منو ڀائي بطور تجزيه نگار خدمتون سرانجام ڏنيون، عوام اڃا تائين سندس ان پروگرام کي ياد ڪري ٿي. هن چيو ته منو ڀائي هڪ سٺو ۽ مخلص انسان هو، هن پنهنجي زندگي کي ??يل??يميا جي ٻارن جي علاج جي لاءِ وقف ڪري ڇڏيو، سُندس فائونڊيشن ۾ ??يل??يميا جي ٻارن جي علاج جي لاءِ جيڪو ڪم ٿي رهيو آهي اهو ساراهه جوڳو آهي. هن وڌيڪ چيو ته سُندس فائونڊيشن ۾ علاج هيٺ مريض منو ڀائي جي مغفرت جو سبب بڻجندا. نگران وفاقي وزير چيو ته ??يل??يميا جي روڪٿام جي لاءِ احتياطي تدبيرن کي اختيار ڪرڻو پوندو. ان حوالي سان قانونن کي بهتر ۽ انهن تي عملدرآمد ڪرڻو پوندو. مرتضيٰ سولنگي چيو ته اسان اڄ منو ڀائي کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ ۽ اهو وچن ڪرڻ جي لاءِ هتي گڏ ٿيا آهيون ته منو ڀائي انساني خدمت جو جيڪو جهنڊو پنهنجي هٿن ۾ کنيو هو ان کي پڪڙي رکڻو آهي. هن چيو ته منو ڀائي ڪالم نگاري سا?? گڏوگڏ شاعري پڻ ڪندو هو، سندس مادري زبان پنجابي ۾ شاعري لازوال هئي، هو ڪنهن به شيءَ جي پاڻ ئي ٿيڻ تي يقين نه رکندو هو جيڪو هن چيو هو ته “هونئين جانداڪر ناپيندا اي، ??کان دي خاطر جلندا پيندا اي، ??ق دي خاطر لڙنا پيندا اي، ??يون دي خاطر مرنا پيندا اي”. تقريب ۾ شريڪ ٻين خطاب ڪندڙن منو ڀائي کي ڀرپور انداز ۾ خراج عقيدت پيش ڪيو. تقريب جي آخر ۾ پير ضياءَ الحق نقشبندي مرحوم جي ايصال ثواب لاءِ دعا ڪئي. بعد ۾ اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير سُندس فائونڊيشن جي ليب جو دورو ڪيو ۽ ??يل??يميا جي مرض ۾ مبتلا ٻارن ۾ تحفا ورهايا.
منو ڀائي پنهنجي پوري زندگي ٿيلسيما جي مريضن جي لاءِ وقف ڪري ڇڏي هئي: نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي
مضمون کا ماخذ : عمومی کلیدی الفاظ