اسلام آباد-20 سيپٽمبر (اي پي پي) ايشيائي ترقياتي بئنڪ (اي ڊي بي) چيو آهي ته اقتصادي سڌارن ۽ ايڊجسٽمينٽ جي پروگرام تي سختي سان عمل ٿيڻ جي صورت ۾ ملڪ آهستي آهستي ڪلي معي??ت جي استحڪام ۽ بحالي جي رستي تي گامزن رهي سگهي ٿو، بئنڪ هلندڙ مالي سال جي پڄاڻي تي معي??ت جي اوسر جي شرح 1.9 سيڪڙو تائين رهڻ جڏهن ته مهانگائي جي شرح 29.2 سيڪڙو کان گهٽجي 25 سيڪڙو تائين رهڻ جو امڪا?? ظاهر ڪيو آهي. اها ڳالهه ايشيائي ترقياتي بئنڪ ط??فا?? جاري ڪيل رپورٽ ?? چئي وئي آهي، ايشين ڊولپمنيٽ آئوٽ لڪ جي نالي سان جاري ٿيل ان رپورٽ ۾ هلندڙ مالي سال جي پڄاڻي تائين مجموعي قومي پيداوار جي شرح 1.9 سيڪڙو تائين رهڻ جو امڪا?? ظاهر ڪيو ويو آهي، گذريل سال اقتصادي اوسر جي شرح 0.3 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي هئي تنهن هوندي به رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته عالمي اقتصادي سستي سميت ڪيترائي اهڙا عمل آهن جن سان خطرا موجود آهن. پاڪستان ۾ عالمي بئنڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر ناجي بن حساين ٻڌايو ته پاڪستان جي اقتصادي اوسر ۽ ڪلي معي??ت جي استحڪام ثابت قدمي سان اقتصادي سڌارن ۽ ايڊجسٽمينٽ جي پاليسين تي عمل ڪرڻ جي ۾ لڪل آهي، هن ٻڌايو ته اقتصادي سڌارن جو سلسل?? جاري رکڻ سان اقتصادي ۽ مالياتي استحڪام حاصل ڪري سگهجي ٿو. ان لاءِ سختت مالياتي نظم ۽ ضبط، مارڪيٽ جي حرڪت تي ٻڌل ايڪسچينج ريٽ ۽ توانائي جي شعبي ۾ سڌارن جو سلسل?? جاري رکڻو پوندو. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته پاڪستان جي معيشت کي گذريل سال آيل بدترين ٻوڏ ۽ سياسي عدم استحڪام جي ڪري مشڪلاتون آڏو رهيون جنهن سان واڌ متاثر ٿي جڏهن ته ناڻي واڌ ۾ اضافو ٿيو، رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته اقتصادي سڌارن جي پروگرام ۽ سال 2024ع ۾ عام چونڊن سان اعتماد ۾ اضافو ٿيندو جڏهن ته سيڙپڪاري به وڌندي. رپورٽ ۾ حڪومت ط??فا?? زراعت سميت مختلف شعبن لاءِ مراعتن جو به احاطو ڪيو ويو آهي ۽ ٻڌايو ويو ته ٻوڏ سبب متاثر علائقن ۾ مفت ٻج، آسان قرض ۽ ڀاڻ جي فراهمي زراعت جي شعبي ۾ بحالي متوقع آهي ۽ ان سان صنعتن کي به فائدو ٿيندو.
پاڪستان ۾ معيشت جي اوسر جي شرح 1.9 سيڪڙو، مهانگائي جي شرح گهٽجي 25 سيڪڙو تائين رهڻ جو امڪان آهي: ايشيائي ترقياتي بئنڪ
مضمون کا ماخذ : como jogar na loteria