اسلام آباد – 11 – جولاءِ (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري عالمي برادري کي نفرت، امتيازي سلوڪ، عدم برداشت جي روين جي خلاف متحد ٿيڻ ۽ گڏيل احترام، افهام تفهيم ۽ رواداري کي فروغ ڏيڻ تي زو?? ڏنو آهي. قرآن ??اڪ جي بي حرمتي جي واقعي ??مي?? مذهبي نفرت پکيڙيندڙ واقعن تي انساني حقن واري ڪائونسل پاران منعقد هڪ هنگامي اجلاس کي ورچوئل خطاب ڪندي پرڏيهي وزير چيو ته بدقسمتي سان قرآن ??اڪ جي ڄاڻي واڻي بي حرمتي جا واقعا جاري آهن. هن چيو ته اهي ڪارروايون وڌ کان وڌ نفرت پکيڙڻ جي لاءِ انجام ڏنيون ويون آهن. هن چيو ته اسان کي نفرت، امتيازي سلوڪ ۽ تشدد کي ڀڙڪائن جي ڪوششن تي نظر رکڻ گهرجي. اسان کي گڏجي ان جي مذمت ڪرڻ گهرجي، اسان کي نفرت پکيڙيندڙن کي جدا ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته ٽي مهينا اڳ اسلامو فوبيا کي منهن ڏيڻ جو پهريون عالمي ڏينهن ملهايو ويو جڏهن ته گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ ان موقعي تي پهريون اجلاس منعقد ڪيو ويو هو. هن چيو ته قرآن ??اڪ جي بي حرمتي جي عوامي ۽ سوچيل سمجهيل عمل سان مسلمانن کي پهچندڙ گهري ڏک کي سمجهڻ ضروري آهي. بلاول ڀٽو زرداري قران ??اڪ جي بي حرمتي کي مسلما??ن جي عقيدي تي حملو قرار ڏيندي يچو ته روڪٿام ۽ احتساب جي لاءِ هن ڪائونسل آڏو پيش ڪيل مسودي جي متن ۾ مطالبو معقول ۽ ضروري هو. هن چيو ته نفرت انگيز تقرير ۽ آزاداڻي تقرير کي جدا جدا ڪرڻ گهرجي ڇو ته اظهار جي آزادي ايتري ئي لازمي آهي جيتري نفرت انگيز تقرير ناقابل دفاع آهي. هن چيو ته دنيا ۾ هڪ به مسلمان ملڪ اهڙو نه آهي جيڪو ٻين مذه??ن جي مقدسات جي بي حرمتي جي اجازت ڏيندو هجي، هن وڌيڪ چيو ته اهڙي طرح جو عمل ڪنهن به مسلمان جي لاءِ ناقابل تصور آهي.
عالمي برادري کي نفرت، امتيازي سلوڪ، عدم برداشت جي روين جي خلاف متحد ٿيڻ ۽ گڏيل احترام، افهام تفهيم ۽ رواداري کي فروغ ڏيڻ تي زور ڏنو آهي: وزير بلاول ڀٽو زرداري
مضمون کا ماخذ : پاور بال