اسلام آب??د ?? 13 – جون (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف آذربائيجان جي صدر الهام عليوف جي دعوت تي 14 کان 15 جون تائين آذربائيجان جو سرڪاري دورو ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب آذربائيجان سان تعاون جي ترجيحي شعبن جي نمائندگي ڪندڙ وزير وزيراعظم جي وفد جو حصو هوندا. وزيراعظم محمد شهباز شريف صدر الهام عليوف سان واپار، سيڙپڪاري ۽ توانائي سميت تعاون جي اهم شعبن تي ??سيع ڳالهه ٻولهه ڪندو جڏهن ته هو گهڻ رخي فورمن ۾ گڏيل ڳڻتي ۽ تعاون ??ي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي ??ڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪندو. بيان موجب پاڪستان ۽ آذربائيجان جا لاڳاپا عقيدي، ثقافت ۽ تاريخ جي هڪ جهڙائي سان ڳنڍيل آهن ۽ گڏيل اعتماد ۽ علائقائي ۽ عالمي معاملن تي ??ظرين جي مٽاسٽا سان مضبوط آهن. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته قيادت جي سطح تي ??اڳيتي ??ٽاسٽا ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ دوستي جي رشتن کي اجاگر ۽ پاڪستان ۽ آذربائيجان ??ي عوام جي گڏيل فائدي جي لاءِ ويجهي گهڻ رخي تعاون ۾ اهم ڪردار ا??ا ڪن ٿا.
وزيراعظم شهباز شريف آذربائيجان جي صدر الهام عليوف جي دعوت تي 14 کان 15 جون تائين آذربائيجان جو سرڪاري دورو ڪندو: پرڏيهي آفيس جي ترجمان
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کی چانسز