اسلام آباد – 21 – جون (اي پي پي) گڏيل قومن جي پ??اه??يرن جي اداري (يو اين ايڇ سي آر) ۽ پاڪستان حڪومت پ??اه??يرن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي سڄي دنيا ۾ تڪرارن ۽ ظلم ۽ ڏاڍ جي ڪري بي گهر ٿيندڙ ماڻهن جي حوصلي کي خراج تحسين پيش ڪيو. ايشيا ۽ بحرالڪاهل جي خطي ۾ پ??اه??يرن جو انگ 2021ع ۾ 4.2 ملين مان وڌي 2022ع جي آخر تائين 6.8 ملين تائين پهچي ويو. خطي جا 90 سيڪڙو کان وڌيڪ پ??اه??ير رڳو ٽن ملڪن ايران، پاڪستان ۽ بنگلاديش ۾ رهيل آهن. اسلام آباد ۾ سرڪاري عملدارن، سفارتي مشنز جي سربراهن، اين جي اوز ۽ گڏيل قومن جي ايجنسين، حصيدارن ۽ پ??اه??يرن عالمي پ??اه??يرن جي ڏهاڙ?? جي موقعي تي اسلام آباد ۾ منعقد تقريب ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر خاص مهمان هئي. افغان پ??اه??يرن بابت چيف ڪمشنر عباس خان پڻ ان موقعي تي موجود هو. ان موقعي تي خطاب ڪندي پاڪستان ۾ يو اين ايڇ سي آر جي نمائنده نوريڪو يوشيدا پ??اه??يرن کي تحفظ فراهم ڪرڻ سان گڏوگڏ انهن کي تعليم ۽ صحت تائين پهچ فراهم ڪندڙ ميزبان ڪميونٽيز جي فراخدلي کي زبردست خراج تحسين پيش ڪيو. هن چيو ته اس??ن اميد ڪريون ٿا ته پاڪستان ملڪ ۾ پ??اه??يرن جي لاءِ پنهنجي سخاوت ۽ مهمان نوازي جو مظاهرو ڪندو رهندو. پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر سڄي دنيا ۾ بي گهر ٿيندڙن جي وڌندڙ انگ تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته عالمي سطح تي بي گهر ٿيندڙن جو وڌندڙ انگ پاڪستان تي منفي اثر وجهي رهيو آه?? جيڪو دنيا جي سڀ کان وڏي ڊگهي عرصي کان پ??اه??يرن جي ميزباني ڪري رهيو آهي. هن چيو ته مالي چئلينجن جي باوجود اس??ن افغان ۽ ٻين پ??اه??يرن جي لاءِ پنهنجا دروازا کوليا آهن جڏهن ته عالمي برادري کي ذميوار?? جي حصيدار طور تي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جي لاءِ اڳتي اچڻ گهرجي. هن چيو ته افغانين جي حفاظت ۽ وقار سان رضاڪاراڻي واپسي پاڪستان جي لاءِ ترجيحي حل آهي، افغانستان ۾ واپس ايندڙ خاندانن کي مسلسل مدد فراهم ڪرڻ گهرجي ته جيئن واپسي پائيدار ٿئي. ان موقعي تي افغان پ??اه??يرن جي چيف ڪمشنر عباس خان ۽ پاڪستان ۾ گڏيل قومن جي ريزيڊنٽ/ هيومنٽيرين ڪوآرڊينيٽر جولين هارنيس پڻ خطاب ڪيو. تقريب ۾ افغان پ??اه??يرن جي ٻارن ثقافتي پرفارمنس پيش ڪئي. هڪ آرٽ جي نمائش ۽ پ??اه??يرن جي هٿن سان ٺهيل شيون پڻ نمائش ۾ پيش ڪيون ويون.
پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر جي پناهگيرن جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي اسلام آباد ۾ منعقد تقريب ۾ شرڪت
مضمون کا ماخذ : comprar raspadinha