شرم الشيخ – 08 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ماحولياتي ??بديلي جا اثر گهٽ ڪرڻ جي لاءِ فوري قدم کڻڻ جي ضرورت کي اجاگر ڪندي چيو آهي ته پاڪستان خشڪ علائقن ۾ ٻيلن جي بحالي لاءِ فني ??هارت جي فراهمي جي ذريعي ”مڊل ايسٽ گرين انيشي ايٽو“ جا مقصد حاصل ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي، زمين کي ماحولياتي ??بديلين جي منفي اثرن کان محفوظ بڻائڻ جي لاءِ ويجهي تعاون کي فروغ ڏيڻو پوندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن مڊل ايسٽ گرين انيشي ايٽو سمٽ 2022ع ??ي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان پائيدار مستقبل جي گڏيل ويزن، موثر تعاون، علائقائي، عالمي رابطن ۽ سائنس تي ٻڌل فيصلاسازي جي رهنما اصولن جي مڪمل حمايت ڪري ٿو، ايم جي آئي موسمياتي ??بديلي جي روڪٿام لاءِ صحيح رخ ۾ هڪ وڏو قدم آهي، پاڪستان ان قدم جي وسيع مقصدن جي لاءِ پوري طرح پرعزم آهي ۽ ميمبر ملڪن سان گڏ زمين کي موسمياتي ??بديلي جي اثرن کان محفوظ بڻائڻ جي لاءِ گهربل هر قدم ۾ ويجهي تعاون جو منتظر آهي. وزيراعظم چيو ته ان اهم سربراهه اجلاس جي انعقاد جي لاءِ محمد بن سلمان ۽ مصر جي صدر عبدالفتاح السيسي جا ٿورا مڃون ٿا، اسان مڊل ايسٽ گرين انيشي ايٽو (ايم جي آئي) شروع ڪرڻ تي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان جي ان اهم ويزن کي قدر جي نگاهه سان ڏسون ٿا جيڪو وچ اوڀر ۾ پنهنجي نوعيت جو پهريون ماحولياتي نظام جي بحالي جو قدم آهي. هن چيو ته ڪنوينشن ۽ پيرس معاهدي تحت فطرت تي ٻڌل حل اسان جي ملڪ جي موسمياتي ??بديلين جي منفي اثرن کان بچاءُ جي ايجنڊا جو بنياد آهي، اهڙي طرح فطرت تي ٻڌل قدم جهڙوڪ وڻڪاري، ملڪن کي مواققت جي صلاحيت جي تعمير ۾ مدد ڪن ٿا، گرين هائوس گئسن جي اخراج کي روڪين ٿا ۽ قومي ۽ علائقائي سطح تي موسمياتي ??بديلين جي ڪري ٿيندڙ نقصانن کي روڪڻ ۽ انهن جي شدت ۾ گهٽتائي آڻڻ ۾ مدد ڪن ٿا، اهو اسان جي ايجنڊا جو مرڪز آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ مڊل ايسٽ گرين انيشي ايٽو ۾ شامل ڪيترن ئي ٻين ملڪن کي ماحولياتي ??بديلين جي اثرن جي ڪري تيز رفتار ماحولياتي ??دم توازن درپيش آهي جنهن جي نتيجي ۾ اسان کي شديد برساتن، تباهي آڻيندڙ ٻوڏ، گرمي جي شدت، ٻيلن ۾ لڳندڙ مسلسل باهه، گليشيئرز جي پگهڙڻ سان ٻوڏ ۽ اهڙي قسم جي ڪيترين ئي موسمياتي ??باهي کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته پاڪستان پائيدار مستقبل جي گڏيل ويزن، موثر تعاون، علائقائي ۽ عالمي رابطن ۽ سائنس تي ٻڌل فيصلاسازي جي رهنما اصولن جي مڪمل حمايت ڪري ٿو جيڪو ان قدم کي ميمبر ملڪن ۽ انهن جي آبادي کي زندگي بدلائيندڙ ڪاميابي ۾ هڪ ڊگهو سفر طئي ڪندو. وزيراعظم چيو ته گرين پاڪستان پروگرام 2016ع ۾ شروع ڪيو ويو جيڪو وڻڪاري جو اسان جو قومي پروگرام آهي جيڪو 2023ع تائين 3 ارب 30 ڪروڙ وڻ لڳائڻ ۽ 2030ع تائين ٽيڻ تي ??ضافي جي هدف سان گڏ جاري آهي، ان سان مقامي آبادي جي لاءِ روزگار جا هزارين موقعا پيدا ٿيندا. وزيراعظم چيو ته ه??ي پاڪستان جي پروٽيڪٽيڊ ايرياز انيشي ايٽو جو پڻ ذڪر ڪرڻ چاهيان ٿو جنهن اسان جي خطرن ۾ ورتل نباتات ۽ حيوانيات جي تحفظ لاءِ 36 لک هيڪٽر محفوظ علائقن ۾ اضافو ڪيو آهي. وزيراعظم چيو ته هو ان موقعي تي گرين انيشي ايٽو کي هلائڻ جي لاءِ سعودي عرب کي ساراهي ٿو، پاڪستان اڳ ۾ ئي ڄاڻ جي مٽاسٽا ۽ ماهرن جي فراهمي جي ذريعي تعاون کي وسعت ڏئي چڪو آهي، اها رڳو شروعات آهي، پاڪستان ايم جي آئي جي سمورن ميمبر ملڪن کي خشڪي وارن علائقن ۾ ٻيلن جي بحالي، مين گرووز، محفوظ علائقن جي انتظام، ڪاربن اسٽاڪ جي تشخيص ۽ ٻيلن جي نگراني جي نظام جي قيام بابت تجربن ۽ فني ??هارت جي مٽاسٽا ۾ مدد فراهم ڪرڻ تي گهري راضپي جو اظهار ڪري ٿو. هن چيو ته زمين عمل جي لاءِ پڪاري رهي آهي پر ائين لڳي ٿو ته اسان مشڪل طريقي سان سکڻ جو پڪوپهه ڪري رکيو آهي، ايم جي آئي طرز جو قدم صحيح رخ طرف هڪ وڏو قدم آهي، پاڪستان ان قدم جي وسيع تر مقصدن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ پوري طرح پرعزم آهي ۽ ميمبر ملڪن سان گڏ رڳو ان قدم جي حد تائين نه پر موسمياتي ??بديلي جي اثرن کان زمين کي محفوظ بڻائڻ جي لاءِ هر قدم تي ويجهي تعاون سان ڪم جو منتظر آهي.
پاڪستان خشڪ علائقن ۾ ٻيلن جي بحالي لاءِ فني مهارت جي فراهمي جي ذريعي ”مڊل ايسٽ گرين انيشي ايٽو“ جا مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي: وزيراعظم شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : گرم گرم