اسلام آباد – 01 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف سان عالمي مشروب ساز ڪمپني پ??پس?? ڪو جي آفريقا، وچ اوڀر ۽ ڏکڻ ايشيا جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر يوجين وليمسن جي قيادت ۾ وفد ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ صنعت ۽ پيداوار وارو وفاقي وزير مخدوم مرتضيٰ محمود پڻ شريڪ هو. وزيراعظم وفد جي آجيان ڪندي چيو ته قومون معاشي پاليسين جي تسلسل سان ٺهنديون آهن. وزيراعظم پ??پس?? ڪو جي پاڪستان سان خطي جي ٻين ملڪن مان برآمدات کي ساراهيندي ڪمپني کي پاڪستان ۾ زرعي صنعتن، سيڙپڪاري وڌائڻ جي ترغيب ڏني. يوجين وليمسن حڪومت جي ڪاروبار دوست پاليسين تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا. ان کانسواءِ حڪومت جي مع??شي?? ڪاروباري ۽ سيڙپڪاري جي پاليسين جي تسلسل جي ڪوششن کي به ساراهيو. يوجين وليمسن وزيراعظم کي وڌيڪ ٻڌايو ته پ??پس?? ڪو ٻ??ڏ متاثرين جي لاءِ 50 لک راشن پيڪيٽ فراهم ڪيا، جڏهن ته سڄي دنيا ۾ پ??پس?? ڪو جي ملازمن پاران ٻ??ڏ متاثرين جي مدد لاءِ عطيو گڏ ڪرڻ جي مهم به جاري آهي. وزيراعظم پ??پس?? ڪو پاران انهن جي مدد تي ٿورا مڃيا ۽ ڪمپني پاران زراعت جي شعبي ۾ جدت آڻڻ جي لاءِ سيڙپڪاري کي ساراهيو.
وزيراعظم سان پيپسي ڪو جي وفد جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : میگا سینا پریمیو