اسلام آباد / واشنگٽن – 29 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري آمريڪ?? سينيٽ جي پرڏيهي لاڳاپن واري ڪميٽ?? جي چيئرمين سينيٽر رابرٽ مينينڊيز سان واشنگٽن ۾ ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب هن ٻوڏ سان ٿيندڙ تباه?? جي شدت کي منهن ڏيڻ جي لاءِ آمريڪا جي امداد کي ساراهيندي چيو ته پاڪستان کي پائيدار ۽ ڊگهي مدي واري تعاون جي ضرورت آهي. پرڏيهي وزير چيئرمين مينينڊيز کي ٻوڏ سان ٿيندڙ تباه?? جي اثرن کان آ??اهه ڪيو. هن چيو ته ٻوڏ جي تباهين سان گڏوگڏ اهو انساني صحت، خوراڪ جي ح??اظت ۽ اقتصادي رخن جو هڪ مشڪل بحران آهي. هن آمريڪ?? سينيٽ جي پرڏيهي لاڳاپن واري ڪميٽ?? جي چيئرمين تي زور ڏنو ته هو آمريڪي ڪانگريس ۾ حمايت کي متحرڪ ڪري، جيڪا تاريخي طور تي اهڙي قسم جي قدرتي آفتن دوران پاڪستاني عوام سان گڏ بيٺل رهي آهي. سينيٽ جي پرڏيهي لاڳاپن واري ڪميٽ?? جي چيئرمين ٻوڏ سان ٿيندڙ تباهي تي پاڪستان جي عوام ۽ حڪومت سان تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪيو. هن پاڪستان کي ان چئلينج تي ضابطو آڻڻ جي قابل بڻائڻ ۾ پنهنجي تعاون جي خاطري ڪرائي. هن چيو ته پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپن جي قيام جي 75 هين سالگرهه هڪ اهم سنگ ميل آهي، ٻنهي ملڪن گڏجي ڪم ڪري تمام گهڻو ڪجهه حاصل ڪيو آهي. سينيٽر رابرٽ مينينڊيز پاڪستان آمريڪا لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ ۾ ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جي ڪردار کي ساراهيو. ملاقات ۾ افغانستان سميت خطي ۾ امن ۽ استحڪام، والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي ظلمن ۽ 5 آگسٽ 2019ع جي غيرقانوني قدمن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سان آمريڪي سينيٽ جي پرڏيهي لاڳاپن واري ڪميٽي جي چيئرمين سينيٽر رابرٽ مينينڊيز جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : لاٹری کا ٹکٹ کیسے خریدیں