اسلام آباد – 10 – آگسٽ (اي پي پي) علامه اقبال اوپن يونيورسٽي ۾ جشن آزادي جي س??سل?? ۾ ٻي تقريب ٿي، جنهن ۾ راولپنڊي ۽ اسلام آباد ريجن جي 55 شاگردن ۽ شاگردياڻين جي وچ ۾ ملي نغمن جا مقابلا ٿيا. ججز جا فرض ڊاڪٽر عبدالست??ر، ڊاڪٽر محمد قاسم ۽ ڊاڪٽر اسد منير ادا ڪيا. ان مقابلي ۾ 4 بهترين اميدوارن جي چونڊ ڪئي وئي جن جي وچ ۾ فائنل رائونڊ اپ جشن آزادي جي تقريبن جي پڄاڻي تي منعقد ڪيو ويندو. گرينڊ مقابلي ۾ پهرين، ٻي ۽ ٽئين پوزيشن حاصل ڪندڙ شاگردن کي ترتيبوار 7 هز??ر، 5 هزار ۽ ٽي هز??ر ڪيش انعام ??ين??ا، مقابلن ۾ شرڪت ڪندڙ سمورن شاگردن ۽ شاگردياڻين کي شموليت جا سرٽيفڪيٽ پڻ ڏنا ويندا. تقريب کي خطاب ڪندي ڊائريڪٽر اسٽوڊنٽ افيئرز راڻا طارق جاويد چيو ته ملي نغمن جي مقابلي جو بنيادي مقصد نوجوان نسل ۾ حب الوطني جو جذبو پيدا ڪرڻ هو. هن چيو ته شاگردن ملي نغمن ذريعي پاڪستان سان پنهنجي محبت جو اظه??ر ڪيو. هن چيو ته يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر ضياءَ قيوم نئين نسل کي آزادي جو مفهوم سمجهائڻ جي لاءِ آگسٽ کي بطور آزادي مهينو ملهائڻ جي به هدايت ڪئي هئي جنهن جي لاءِ رجسٽر??ر، راجا عمر يونس جي مشاورت ۽ ان جي سرپرستي ۾ ??خت??ف تقريبون ترتيب ڏنيون ويون آهن جن ۾ ملي نغمن، تقريرن، بيت بازي، پيٽنگ ۽ مضمون نويسي جا مقابلا شامل آهن.
علامه اقبال اوپن يونيورسٽي ۾ جشن آزادي جي سلسلي ۾ ٻي تقريب ٿي
مضمون کا ماخذ : نقدی پھٹنا