اسلام آباد – 20 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته کيس هر لمحي معاشي بد??الي کان متاثر سفيد پوش طبقي جي مشڪلاتن جو احساس ??تا??ي ٿو، رمضان ۾ عام ماڻهو جي مشڪلاتن کي ڪجهه گهٽ ڪرڻ جي لاءِ اٽي ۽ کنڊ جي قيمت ۾ گهٽتائي جو اعلان ڪيو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته مون کي هر لمحي اهو احساس ??تا??يندو رهي ٿو ته معاشي بد??الي جي موجوده حالتن ۾ سفيد پوش طبقي جون مشڪلاتون گهٽ ڪرڻ جي لاءِ اسان ڇا ٿا ڪري سگهون. هن چيو ته بدقسمتي سان اسان کي قومي خزانو جنهن حالت ۾ مليو آهي اهو منهنجي ان خواهش کي پورو ڪرڻ جي قابل نه آهي پر پوءِ به رمضان مهيني دوران پنهنجي لاچار ۽ مجبُور مُلڪ واسين جي مشڪلاتن کي ڪجهه گهٽ ڪرڻ جي لاءِ مُون پنجاب ۾ 10 ڪلو اٽي جي قيمت 550 رپين مان گهٽ ڪري 400 رپيا ۽ رمضان بازار / يو??يلٽي اسٽورز ۾ کنڊ 75 رپين مان گهٽ ڪري 70 رپيا في ڪلو ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. وزيراعظم چيو ته آئون توهان کي يقين ڏياريان ٿو ته ملڪ جي معاشي حالتن کي بهتر ڪرڻ جي لاءِ اسان ڏينهن رات ڪم ڪري رهيا آهيون ته جيئن پنهنجي عوام کي وڌ کان وڌ خدمت ڪري سگهون.
مون کي هر لمحي معاشي بدحالي کان متاثر سفيد پوش طبقي جي مشڪلاتن جو احساس ستائي ٿو: وزيراعظم شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : پاکستان کی لاٹری کی تاریخ