اسلام آباد – 11 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت ڪورونا وائرس جي دوران مڪمل لاڪ ڊائون بدران سمارٽ لاڪ ڊائون سان معاشي طور تي ڪمزور طبقي جي تحفظ کي يقيني بڻايو، حڪومت جي رليف ۽ قدمن جي ڪري صنعتن ۽ ٻين معاشي سرگرمين تي ڪورونا گهٽ کان گهٽ اثر انداز ٿيو، پاڪ??تا??ي قوم ڊاڪٽرن ۽ فرنٽ لائن هيلٿ ورڪرز جي قربانين کي ڪڏهن به نه وساريندي. اهڙن خيالن جو اظهار ڪورونا جي روڪٿام جي قدمن بابت اعليٰ سطح جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو.
اجلاس ۾ منصوبابندي واري وفاقي وزير اسد عمر، خاص مددگار ڊاڪٽر فيصل سلطان، ڊاڪٽر شهباز گل، اين سي او سي جو ڪمانڊر ميجز جنرل ظفر اقبال، اين سي او سي آپس ڊي جي ميجر جنرل آصف گورايا ۽ لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي. وزيراعظم چيو ته حڪومت جي ڪورونا کي منهن ڏيڻ لاءِ پاليسين جي سڄي دنيا ۾ پذيرائي ٿي، هن چيو ته ڪورونا ايس او پيز تي عملدرآمد ڪرڻ ۾ عوام جو ڀرپور ساٿ رهيو، وزيراعظم چيو ته سڄي دنيا ۾ جڏهن لاڪ ڊائون جي خلاف ماڻهو رستن تي هئا، پاڪ??تا??ي عوام صرف ايس او پيز تي عملدرآمد ڪيو، حڪومت جي سمارٽ لاڪ ڊائون قدمن ۾ ڀرپور تعاون ڪيو پر ويڪسينيشن ۾ به وڌ?? چڙهي حصو ورتو. هن چيو ته حڪومت جي رليف ۽ قدمن جي ڪري صنعتن ۽ ٻين معاشي سرگرمين تي ڪورونا گهٽ کان گهٽ اثر انداز ٿيو، فرنٽ لائين هيلٿ ورڪرز جي قربانين ۽ ڪورونا کي منهن ڏيڻ لاءِ خدمتن تي پوري قوم انهن کي خراج تحسين پيش ڪري ٿي. هن چيو ته پاڪ??تا??ي قوم ڊاڪٽرن ۽ فرنٽ لائين هيلٿ ورڪرز جي قربانين کي ڪڏهن به فراموش نه ڪندي، اجلاس کي ملڪ ۾ اومي ڪرون جي لهر جي حوالي سان تفصيلي طور تي آگاهه ڪرڻ سان گڏوگڏ عالمي سطح ۽ خطي ۾ ان جي پکيڙ کان به آگاهه ڪيو ويو. اجلاس کي ٻڌايو ??يو ته عالمي سطح تي جنوري ۾ اومي ڪرون جي بلند ترين سطح کانپوءِ ڪيسز ۾ گهٽتائي اچڻ شروع ٿي وئي آهي پر هاڻي به يورپ ۽ آمريڪا ۾ ان جي ڪيسن جو تعداد سڀني کان وڌ??ڪ آهي، خطي ۾ هن وقت ڪورونا سبب موت جي حوالي سان ڀارت سرفهرست آهي جتي هاڻي به گهٽ ۾ گهٽ هڪ هزار ماڻهو روزاني ڪورونا سبب فوت ٿي ??هيا آهن، اجلاس کي ٻڌايو ??يو ته پاڪ??تا?? ۾ حڪومت جي ايس او پيز تي سختي سان عملدرآمد يقيني بڻائڻ جي قدمن جي ڪري اومي ڪرون جي ڪيسز ۾ گهٽتائي اچڻ شروع ٿي وئي آهي،
ان کانسواءِ اجلاس کي اهو به ٻڌايو ??يو ته اومي ڪرون سبب بيمار مريضن جي انتهائي نگهداشت ۾ آمد چوٿين لهر جي مقابلي ۾ 71 سيڪڙو گهٽ آهي، 10 فيبروري 2022ع کانپوءِ مثبت ڪيسن جي تعداد ۾ 6.8 سيڪڙو سان گهٽتائي، اسپتالن ۾ داخلا ۽ انتهائي نگهداشت جي ضرورت ۾ اضافو به نه ٿي ??هيو آهي جيڪو مثبت رجحان آهي، اجلاس کي ٻڌايو ??يو ته پاڪ??تا?? ۾ ڪورونا جي نئين لهر سبب روزاني سراسري 42 فوتگيون ٿي ??هيون آهن، اجلاس کي ڪورونا ويڪسين تي اڳڀرائي کان به آگاهه ڪيو ويو، اجلاس کي ٻڌايو ??يو ته 12 سالن کان گهٽ عمر جي 15 ڪروڙ آبادي ۾ هن وقت 9 ڪروڙ (58سيڪڙو) ماڻهن کي مڪمل طور تي ويڪسين لڳائي وئي آهي جڏهن ته مارچ 2022ع تائين اهو تعداد وڌ?? 11 ڪروڙ (72 سيڪڙو) ٿي ويندو. ان کانسواءِ 11 ڪروڙ 50 لک ماڻهن کي هڪ ڊوز لڳي چڪو آهي جيڪو مارچ 2022ع تائين وڌ?? 13 ڪروڙ ٿي ويندو، ملڪ ۾ ويڪسينيشن جي هر پاڪ??تا??ي محفوظ فيز ون لاءِ هن وقت 61 هزار 329 ٽيمون ڪم ڪري رهيون آهن ۽ روزاني 22 لک ويڪسين جا ڊوز لڳايا پيا وڃن، ويڪسينيشن جو فيز ٽو 7 مارچ 2022ع کان شروع ٿيندو. 12 سالن کان 17 سالن جي 59 سيڪڙو شاگردن کي مڪمل ويڪسين لڳائي وئي آهي ۽ 18 سالن کان وڌ??ڪ 34 لک ماڻهن کي بوسٽر ڊوز به لڳايو ??يو آهي، اجلاس کي وڌ??ڪ ٻڌايو ??يو ته هن وقت ملڪ ۾ مڪمل آبادي کي ويڪسين لڳائڻ لاءِ اسٽاڪ موجود آهي، صوبائي سطح تي ويڪسينيشن جي رفتار جي حوالي سان پنجاب پهرين نمبر تي آهي جڏهن ته ان کانپوءِ سنڌ، خيبرپختونخوا، بلوچ??تا?? ۽ ٻيا علائقا اچن ٿا، اجلاس کي ويڪسينيشن جي حُالي سان آئنده جي لائحه عمل ۽ ڪورونا وبا جي دوران فرنٽ لائن هليٿ ورڪرز جي پذيرائي لاءِ به تجويزون پيش ڪيون ويون. وزيراعظم اين سي او سي ۽ نيشنل هيلٿ سروسز واري وزارت جي ڪارڪردگي کي ساراهندي ايس او پيز تي عملدرآمد يقيني بڻائڻ ۽ ويڪسينيشن کي وڌ??ڪ تيز ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون.