اسلام آباد – 03 فيبروري (اي پي پي) سينيٽ جي چيئرمين محمد صادق سنجراڻي سان وفاقي محتسب اعجاز احمد قريشي پارليامينٽ هائوس ۾ ملاقات ڪئي. سينيٽ جي چيئرمين اعجاز احمد قريشي کي وفاقي محتسب جون ذميداريون سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني. سينيٽ سيڪريٽريٽ موجب سينيٽ چيئرمين ان اميد جو اظهار ڪيو ته وفاقي محتسب پنهنجي تجربن ۽ بهترين حڪمت عملي سان فو??ي ۽ سستي انصاف جي فراهمي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو، هن چيو ته ڪنهن به ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ سستو ۽ فوري انصاف جي فراهمي اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا، عا?? ماڻهو جي مسئلن جو فوري حل ڪنهن به حڪومت جي اولين ترجيح هوندو آهي، عوام مسئلن جي حل لاءِ محتسب جهڙي بهترين اداري سان رجوع ڪن. هن چيو ته فو??ي ۽ سستي انصاف جي فراهمي ۾ وفاقي محتسب جو ڪردار مثالي رهيو آهي، عوام کي سستو ۽ فوري انصاف فراهم ڪرڻ لاءِ پارليامينٽ ۽ خاص طور تي سينيٽ موثر قانونسازي ڪئي آهي، فو??ي ۽ سستي انصاف جي فراهمي لاءِ قدم کڻي پوئتي پيل طبقن کي ترقي جي مرڪزي ڌارا ۾ آڻي سگهجي ٿو. سينيٽ جي چيئرمين چيو ته عوامي شڪايتن جي موثر حل لاءِ ج??يد ٽيڪن??لا??ي کي اختيار ڪيو وڃي، وفاقي محتسب پاران مسئلن جي حل ۽ فوري انصاف جي فراهمي لاءِ کنيل قدم واکاڻ جوڳا آهن. وفاقي محتسب اعجاز احمد قريشي سينيٽ جي چيئرمين محمد صادق سنجراڻي سان سندس ڀاءُ جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪيو، ملاقات دوران سائنس ۽ ٽيڪن??لا??ي وارو وفاقي وزير سينيٽر سيد شبلي فراز به موجود هو.
سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي سان وفاقي محتسب اعجاز احمد قريشي جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : اسلام آباد لاٹری