اسلام آباد – 12 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ماضي جي ڪوتاهين جي نتيجي ۾ اڄ عوام پيسجي رهي آهي، بجلي جا مهانگا منصوبا لڳايا ويا، پهچ ۽ ورڇ جي نقصانن تي ضابطو آڻڻ ۽ ??سٽ?? جي خرابين کي ٺيڪ ڪرڻ جي رخن کي نظر انداز ڪيو وي??دو رهيو جن??ن جو بار عوام کي برداشت ڪرڻو پئجي رهيو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن بجلي جي قيمتن ۽ خاص طور تي بجلي جي شعبي ۾ گردشي قرضن ۾ گهٽتائي آڻڻ جي حوالي سان اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. وزيراعظم کي بجلي جي موجوده قيمتن، گردشي قرضن ۽ انهن قرضن ۾ گهٽتائي جي حوالي سان تجويز ڪيل حڪمت عملي تي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته موجوده حڪومت جي ڪوششن جي نتيجي ۾ جتي ٽيڪنيڪي ۽ غير ٽيڪنيڪي نقصانن ۾ گهٽتائي جو رج??ان سامهون آيو آهي اتي بجلي جي بلن جي وصولين ۾ به بهتري آئي آهي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ٽرانسميشن اينڊ ڊسٽريبيوشن لاسز (پهچ ۽ ورڇ) ۾ وڌيڪ گهٽتائي آڻڻ جي لاءِ حڪمت عملي تيار ڪئي وئي آهي. ڀرپور ڪوشش آهي ته پهچ ۽ ورڇ جي مد ۾ ٿيندڙ اصل نقصانن ۽ نيپرا پاران منظور ٿيل شرح جي وچ ۾ فرق کي گهٽ ترين سطح تي آڻي سگهجي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته نقصانن تي ضابطو آڻڻ ۽ وصولين کي بهتر ڪرڻ جي حوالي سان ايندڙ ٻن سالن ۾ مقرر ڪيل ٽارگيٽ جي نتيجي ۾ تقريبن سوا ٽي سئو ارب روپين جي بهتري ايندي جن??ن جو فائدو صارفين کي ميسر ايندو.
وزيراعظم جي صدارت ۾ بجلي جي قيمتن ۽ خاص طور تي بجلي جي شعبي ۾ گردشي قرضن ۾ گهٽتائي آڻڻ جي حوالي سان اجلاس
مضمون کا ماخذ : فا فا فا ۔