لاهور – 12 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته عوام کي ??حت جي معياري ۽ سستي سهولتن جي فراهمي ۽ سماجي تحفظ فراهم ڪرڻ موجوده حڪومت جي اولين ترجيح آهي، هليٿ ڪارڊ جي ڪري نه رڳو عام ماڻهو کي ??حت جي حوالي سان تحفظ فراهم ٿيندو پر ??حت جي نظام ۾ به انقلابي تبديلي رونما ٿيندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنجاب صوبي ۾ يونيورسل هيلٿ انشورنس جي فراهمي جي حوالي سان اڳڀرائي تي جائزي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ پنج??ب جو وڏو وزير سردار عثمان ب??زدار، اقتصادي معاملن وارو وفاقي وزير مخدوم خسرو بختيار، وزيراعظم جو صلاحڪار شهزاد اڪبر، خاص مددگار ملڪ امين اسلم، پنج??ب جو ناڻي وارو وزير مخدوم هاشم جوان بخت، پنج??ب جي وڏي وزير جي خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ ۽ سينئر آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ پنج??ب جي صوبائي ڪابينا پاران صوبي جي 100 سيڪڙو آبادي کي هن سال جي آخر تائين يونيورسل هيلٿ ڪوريج جي فراهمي جي منظوري کانپوءِ هيستائين ٿيندڙ اڳڀرائي جي حوالي سان آگاهه ڪيو ويو، ??حت سهولت پروگرام جي فزيبلٽِ، بجيٽ جي ڪاٿي ۽ مرحليوار عملدرآمد تي شرڪت ڪندڙن کي تفصيلي بريفنگ ڏيندي آگاهه ڪيو ويو ته ڊگهي مدي واري پلان تحت موجوده مالي سال جي پڄاڻي تائين ساهيوال ۽ ڊيره غازي خان ڊويزن جي 7 ضلعن ۾ هليٿ ڪارڊن جي فراهمي يقيني بڻائي ويندي جڏهن ته ڊسمبر 2021ع تائين پنج??ب جي 100 سيڪڙو آبادي کي يونيورسل هيلٿ انشورنس تحت هيلٿ ڪارڊ جي ذريعي علاج جون ب??ترين سهولتون ميسر هونديون.
صحت جي معياري ۽ سستي سهولتن جي فراهمي ۽ سماجي تحفظ فراهم ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا وفاقی