اسلام آباد – 08 سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته حڪومت فيصلو ڪيو آهي ته ناجائز قبضا ختم ڪري سرڪاري زمين آزاد ڪرائي ويندي، وفاقي گادي واري شهر ۾ ناجائز قبضن جي خلاف جاري آپريشن جو پهريون مرحلو محرم الحرام کان اڳ مڪمل ڪ??و ويندو ان کانپوءِ لاهور ۽ ٻين شهرن ۾ پڻ قبضن جي خلاف آپريشن ڪيا ويندا، سي ڊي اي قبضن جي خلاف آپريشن شروع ڪرڻ کان اڳ سموريون قانوني گهرجون پوريون ڪيون آهن. وزيراعظم عمران خان جلد ڪراچي جو دورو ڪندو، اتي جلد صفائي م??م شروع ??ئي ويندي، ڪراچي جي عوام تحريڪ انصاف کي سڀ کان وڏو مينڊيٽ ڏنو آهي. سي ڊي اي پاران غيرقانوني قبضن جي خلاف جاري آپريشن جي دوري جي موقعي تي صحا??ين سان ڳالهائيندي اطلاعات واري وزير چيو ته حڪومت فيصلو ڪيو آهي ته ناجائز قبضا ختم ڪري سرڪاري زمين آزاد ڪرائي ويندي.
مضمون کا ماخذ : نتیجہ ڈوپلا سینا