ماسڪو-29 نومبر(اي پي پي) روس جي سائنسدانن 2027ع تائين روشني جي رفتار سان ڪم ڪندڙ ڪمپيوٽر ٺاھڻ جو اعلان ڪيو آھي جنھن جي رفتار موجوده تيز رفتار ڪمپيوٽر جي ڀيٽ ۾ ھڪ سو کان ھـڪ ھزار سيڪڙو وڌيڪ ھوندي. پرڏيھي رپورٽ مطابق روس نيشنل سينٽر فار فزڪس اينڊ ميٿاميٽڪس (اين سي پي ايم) جي سائنسدان ا??يگزينڊر سرگئيف چيو ته ايندڙ ٻن سالن ۾ اسان ڏهون تي وڌيڪ طاقت واري 19 في سيڪنڊ کان وڌيڪ پراسيسنگ جي رفتار سان آپريشن جي طاقت سان گڏ ھڪ ورڪنگ پروٽو ٽائپ ٺاھڻ جو ارادو ڪ??و آھي جيڪو عالمي سطح ??ي موجوده ڪمپيوٽرن جي رفتار کان ??ما??ا طور تي وڌيڪ آھي. اھ?? ھڪ طاقتور ھائبرڊ اليڪٽرانڪ فوٽو ونگ ڪمپيوٽر سسٽم جو ورڪنگ پروٽو ٽائپ ھوندو جيڪو ڊيٽا کي روشني جي رفتار سان پراسيس ڪندو. اليگزينڊر سرگئيف چيو ته مشھور عالمي ڪمپنين جي تيار ڪيل پنھنجي يونيورسل پراسيسرز ۽ گرافڪس پراسيسرز ۽ گرافڪس پراسيسنگ يونٽس وارن جديد ڪمپيوٽرن بدران ا?? جو خصوصي ڪمپيوٽنگ سسٽم ڪيترن ئي ڪمن کي حل ڪرڻ ۾ ??ما??ا طور تيز رفتاري جو مظاھرو ڪري سگھي ٿو جيڪو 100 کان 1000 سيڪڙو تائين ٿي سگھي ٿو ۽ اھو گھٽ بجلي جي استعمال سان گڏو گڏ پنھنجي ڪارڪردگي ۾ اضافو ڪ??دو. سال 2030ع تائين ا??ڪاني طور پراسيسنگ انتھائي سطح تائين پھچي سگھي ٿي. رپورٽ مطابق ان ڪمپيوٽر جي تياري جي منصوبي تي ڪم ڪندڙن ۾ روس جو وفاقي نيوڪليئر سينٽر، روس جي ريسرچ انسٽي ٽيوٽ آف ايڪسپيريمينٽل فزڪس ۽ اسماراسٽيٽ يونيورسٽي جا ماھر شامل آھن.
روس جي سائنسدانن پاران ٻن سالن اندر روشني جي رفتار سان ڪم ڪندڙ ڪمپيوٽر تيار ڪرڻ جو اعلان
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے سستے ٹکٹ