ابوظھبي-09 آڪٽوبر (اي پي پي) گڏيل عرب امارات پاڪستان ۾ ڪراچي هوائي اڏي ويجھو روڊ تي ٿيل دھشتگرد حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آھي جنھن جي ??تيجي ۾ ٻه چيني شھري فوت جڏھن ته ڪجهه بيگناھه ماڻھو زخمي ٿيا آھن. پرڏيھي خابرو اداري جي رپورٽ مطابق گڏيل عرب امارات جي ??رڏيھي وزرات طرفان جاري بيان ۾ چيو ويو آھي ته گڏيل عرب امارات اهڙين مجرماڻين ڪارروائين جي سخت مذمت ڪري ٿو ۽ عالمي قانون جي ڀڃڪڙي ۽ ملڪي سلامتي ۽ استحڪام کي نقصان پھچائڻ جي ??قصد جي ھر قسم جي تشدد ۽ دھشتگردي کي مستقل طور رد ڪري ٿو. عرب امارات جي ??رڏيھي وزارت پاڪستاني حڪومت ۽ عوام، چين جي حڪومت ۽ عوام ۽ ان دھشتگردي واري واقعي ۾ فوت ٿيلن جي گھرڀاتين ??ان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظھار ڪيو ۽ سمورن زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا پڻ ڪئي.
مضمون کا ماخذ : estatisticas dupla sena