تهران -27 آگسٽ (اي پي پي) ايران جي صدر مسعود پيز شڪيان مسلمان ملڪن تي زور ڀريو آهي، ته اهي اسرائيل جي غزه ۾ ڏوهن ۽ نسل ڪشي کي روڪڻ لاءِ گڏيل قدم کڻن. ميڊيا مطابق سن??س آفيس ??ان جاري هڪ بيان مطابق هن اها اپيل ايران جي دوري تي آيل قطر جي وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير شيخ محمد بن عبدالرحمان الثاني سان ڳالهين دوران ڪئي. مسعود پيز شڪيان چيو ته مسلمان رياستون ۽ اهي سمورا ملڪ جيڪي عالمي قانون ۽ فريم ورڪ جا پابند آهن، انهن کي اسرائيل جي حامين کي لغ??م ڏيندي غزه ۾ جاري اسرائيل جي بدترين ڏوهن ۽ نسل ڪشي کي روڪڻ لاءِ سخت قدم کڻڻ گهرجن. غزه ۾ ??نگ بندي لاءِ قطر جي ڪوششن کي ساراهيندي هن چيو ته جيئن ته غزه م سمورن عالمي قانونن ۽ ضابطن جون لاڳيتو ڀڃڪڙيون جاري آهن، پر انساني حقن جي وڪالت ڪرڻ جي دعويٰ ڪندر ملڪ به اسرائيلي جارحيت تي خاموش آهن.
مضمون کا ماخذ : لاٹری آن لائن