انقره-15 نومبر (اي پي پي) ترڪيه جي پارليمنٽ جو پرڏيهي ڪم??شن سويڊن جي نيٽو ۾ ميمبر شپ جي منظوري جي باري ۾ پيش ڪيل سفارشن تي هن هف??ي بحث ڪندو، ميڊيا رپورٽن موجب پرڏيهي ڪم??شن 16 نومبر جي اجلاس ۾ نيٽو ۾ سويڊن جي شموليت جي باري ۾ منظوري لاءِ اڳواٽ قانون جي تجويز قبول ڪئي آهي، واضع رهي ته گذريل مهيني سويڊن جي نيٽو ۾ ميمبر شپ بابت هڪ بل پرڏيهي ڪم??شن موڪليو ويو هو ، جيڪڏهن اهو بل ڪم??شن قبول ڪيو ته ان جي حتمي منظوري لاءِ صدر اردگان کي صحيح لاءِ پيش ڪيو ويندو، سويڊش پرڏيهي وزير توبياس بل اسٽروم ان فيصلي جي آجيان ڪندي چيو هو ته اسان پنهنجي ملڪ جي نيٽو ۾ ميمبر شپ جو بي صبري سان انتظار ڪري رهيا آهيون.
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے عمومی نمبر